هو چاهن ٿا ته سن سنڌين جو سياسي مرڪز نه رھي

0
122
پاڪستان ۾ ٿيل سياسي قتل ۽ انصاف اوپرو بڻيل !!!

جڏهن به هتي تبديلي جي نالي ۾ سرڪار جي مٽا سٽا ٿي آھي تڏهن هميشھ سنڌ بيپناھه ڀوڳيو آھي.  منهنجي خيال ۾ ون يونٽ کان فسطائي فوجي حڪمران جنرل ضياءَ جي دور تائين جنهن ۾ ٽوڙي ڦاٽڪ وارو واقعو پيش آيو۽  معصوم شاگرد ماريا ويا يا وري ايم آرڊي جي دور ۾ موري ميهڙ ۽ دادو ۾ ڍاٽيئڙا پٽ ڍول ڪٺا ويا لاکاٽ تي بمباري ڪئي وئي، شھيد نذير عباسي جو تشدد ٿيل لاش وارثن حوالي ڪرڻ بجاءِ ڪراچي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو  ۽ ذوالفقار علي ڀٽي کي  ٽياس تي ٽنگيو ويو، نواز ليگ جي سرڪار 90 جي ڏهاڪي ۾ آپريشن شروع ڪري يوسف جکراڻي مجيب جتوئي جهڙن ڪونڌرن جو ڪوس ڪيو ۽ عبدالواحد آريسر ڊاڪٽر دودو مهيري کان ويندي سوين قومي ڪارڪنن کي مسنگ پرسن بنايو،  خود محترمه بينظير ڀٽو جي دور حڪومت ۾ ڪراچي جي روڊ تي سندس ئي گهر آڏو گهات هڻي وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو  جي ڀاءُ ۽  اڳوڻي وزيراعظم پاڪستان  جي موڀي ۽ پڳدار پٽ مير مرتضيٰ ڀٽو کي سر عام گوليون هڻي  قتل ڪيو ويو.

جنرل مشرف جي دور ۾ پورو ڏهاڪو سنڌ تشدد هيٺ رهي.  قومپرستن کي قيد ڪيو ويونه فقط اھو پر آخر ڪار سنڌ کان قيادت کسڻ ۽ سنڌين کي بي يارومدگار ڪرڻ لاءِ خود پهريون شڪار محترمه بينظر ڀٽو کي پنڊي جلسي تان واپس ورندي شھيد ڪيو ويو ۽ پوءِ اهو سلسلو هلندو رهيو. روڊن تي قومپرستن جا لاش ملندا رهيا. سنڌ جي سڀ کان سگهاري ۽ عوامي طاقت رکندڙ قومپرست پارٽي جسقم  جي چيئرمين بشير خان قريشي جي 23 مارچ 2012ع تي گڏ ٿيل قوت ڏسي کيس زهر ڏيئي مارڻ جو پلان جوڙيو ويو ڇاڪاڻ ته قاتلن کي پروڙ ھئي ته محترمه جي شھادت تي سنڌ اندر جيڪو ڪجھه ٿيو ان کان وڌيڪ بشير خان جي موت تي ٿي سگهي ٿو جنهن ڪري  کيس ٽڪساٽ جوڙي جسماني طرح جدا ڪرڻ لاءِ کيس زهر ڏنو ويو، اهوئي سبب آھي جو اڄ ڏينهن تائين حڪمران طبقا شھيد بشير خان قريشي جي رت جي جزن جي رپورٽ ظاهر ڪرڻ لاءِ تيار ناهن.

سو هن ڀيري به جڏهن اها ڳالھه عام ٿي ته عمران خلاف سندس 22 گهوڙا مخالفن جي تنبيلن تي پهچي ويا آھن تڏهن سڀ کان پهريان جَنهن ڳالهه جو خَدشو ۽ خَطرو هو، اُها ئِي صُورتحال سامُهون اَچي رَهي آهي. عَوام سُجاڳ ٿِئي نه ته وَڌيڪ تَباهي، ۽ بَرباديءَ سان مُنهن ڏيڻو پَوندو.   عمران خان جڏهن ڪُرسيءَ سان چَنبڙي پَوڻ، اقتداري حوس ۾ مبتلا رهڻ ۽ ساڳيا پراڻن سياستدانن وارا طور طريقا استعمال ڪرڻ، ۽ آخر ۾ آئين کي لتاڙي ادارن جو تقدس پائمال ڪري سڀ ڪجھه ختم ڪرڻ لاءِ ھنبوشيون هڻي رهيو هو تڏهن پڻ اُهو خوف،  ۽ خَدشو موجود هو ته جيڪي نَوان حُڪمران ايندا، اُنهن مان به ڪا سٺي اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ جي مترادف آھي ۽ نَئين حُڪومت آئي ته سِنڌ اندر بحران شدت اختيار ڪندو۽ اڄ اهو ٿئي پيو.

جمعو جمعو اٺ ڏينهن مس گذريا آھن،ڏسو هتي انساني حَقن جي ڇا صورتحال آھي  روز نوان انساني حقن جي ڀَڃڪڙين جا  واقعا پيش اَچي رهيا آھن.  جَنهن سان سَڀني ماڻهن کي تَڪليف مان گُذرڻو پَوندو رڳو سنڌ حڪومت جي گذريل دور جو پوتاميل ڪجي ته سوين سوال اڀري ٿا اچن مثال طور شهيد وڏي جي شھادت، سنڌ اندر قومي اڳواڻن جا گاڏين سميت سڙندڙ لاشن جو ملڻ، قومپرست قوتن جي جلسن تي پابنديون ، ميهڙ سانحي ۾ ٽن ڄڻن جو موت ، ناظم جوکيو جو قتل، فهميده سيال جي خُون کان ويندي نَواب وَلي مَحمد سانحي تائين رمشا وساڻ جو قتل اَهڙا ڪيترائي واقعا پيش اَچي چُڪا آهن، جَنهن ۾ حُڪومتي ڌُر جا ماڻهو سڌا مُلوث رَهيا آهن. صَحافين سان ٿيندڙ ناحق، ۽ اُنهن جي خُون جَهڙن واقعن جا پيرا به حُڪمران ڌُر ڏانهن ويندا رَهيا آهن، اُنڪري ئِي مَحسوس ٿِي رَهيو هو ته جيڪڏهن پ پ وَفاق ۾ به اَچي وَئي ته سِنڌ ۾ انساني حَقن جي صُورتحال بنھه خراب ٿِي ويندي ، هِي وَڏيرا ۽ ڀوتار آپي مان نِڪري ويندا.

هِي اڳيئي پوليس کي، ۽ سَرڪاري ادارن کي پَنهنجي ذاتي جاگير تصور ڪن ٿا.  وَفاق ۾ اَچي ويا ته سَندن مَن مَستي وَڌي ويندي، ۽ پوءِ ڪُجهھ به ڪري سَگهن ٿا. هي هڪ ئي ڏينهن ۾ الائي ڇا مان ڇا ڪرائي وٺندا آھن؟ ساڳئي ڏينهن محبت سنڌ ريلي تي فائرنگ ٿي ٿئي ته ان ئي ڏينهن تي مظفر ڀٽي جو لاش ٿو ملي.  7 اپريل شھيد وڏي جي شهادت جو ڏينهن آھي ته ساڳئي ڏينهن تي شفيع ڪرناڻي جو قتل ٿو ٿئي هو هر ڀيري سائين جي ايم سيد جي سالگره ۽ ورسي ڏهاڙن تي ڏاڍ   نه ڪن ته سندن کاڌو ئي هضم نه ٿئي. هنن 25 اپريل ڏهاڙي به ايئن ڪيو.  سن پوليس اسٽيٽ بڻايو ويو. صبح جو نواب شاھه ۾  ايس ٽي پي اڳواڻ جي گهر تي تاريخ ساز انساني حقن جي لتاڙ ڪئي وئي سڀ قومپرست اتي پهتا احتجاج لاءِ ته انڊس هاءِ وي تي قهرام مچايو ويو .

 هر طرف کان گهات هڻي ويٺلن ٿوڪ جي حساب سان ڪارڪنن جون گرفتاريون ڪيون کين مال جي واڙي جهڙن لاڪپن ۾ جانورن جيان واڙي کين نه پاڻي ڏنو ويو نه ماني. مٿان وري تذليل گار گند بدتميزي سان پيش اچڻ اهو سڀ ڪجھه ان ڪري ڪيو پئي ويو جو سن سنڌ جو سياسي ۽ قومپرستن جو مرڪز نه رھي. اتي سالگره ۽ ورسي تي ميڙاڪا نه ٿين جنهن سبب نه فقط سوين قومي ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا پر ڪيترن کي ڪوڙين ايف آءِآر ۾ روپوش ڄاڻايو ويو  آھي. بي انتها مٿن تشدد پڻ ڪيو ويو. نَوابشاھه ۽ سن  ۾ جيڪو ڪُجهه به ڪيو ويو، اُن مان صاف ظاهر ٿيو ته اَسان جا سَڀ خَدشا دُرست هُئا. نَوابشاھه ۾ پوليس جيڪا ڪارروائي ڪَئي آهي، اُن مان هيڪر اِيئن مَحسوس ٿيو ته نَوابشاھ شايد! والاريل علائقي جو حصو آھي پُراَمُن اَحتجاج ڪندڙ قومپرست ڪارڪُنن کي تَشدد جو نشانو بَڻايو ويو.

گهرن تي چڙهايون ڪري عورتن کي مارڪُٽ ڪَئي وَئي، ۽ هِڪ نياڻيءَ کي گرفتار پڻ ڪيو ويو، اِيئن مَحسوس ڪرايو پئي ويو ته ھي ترخان ۽ تاتارين جو سپاھه آھي. هِنن تاتارين، ۽ مغلن وارو ورتاءَ ڪيو ، پَر وَقت سَدائين ساڳيو ناهي رَهڻو. تَبديلي لازمي طور اَچڻي آهي، پر ادو مئو ادي ڄائي واري تبديلي نه حقيقي تبديلي انقلابي تبديلي  جنهن لاءِ شھيد الله بخش سومرو کان سائين جي ايم سيد تائين جويو صاحب کان سوڀي گيانچنداڻي  تائين عبدالواحد آريسر کان شھيد بشير خان قريشي تائين جن جفاڪشي ڪئي جدوجهد ڪئي قربانيون ڏيئي ويا  انهن جنهن اڀرندڙ سج جو سپنو ڏٺو هو اهو سج ڪنيون ضرور ڪڍندو.

شايدحڪمران ٽولو سمجهي ٿو ته سَدائين اُنهن جي حُڪومت رَهندي، ۽ اُهي اڳتي هَلي سِنڌ ۾ بادشاهت قائم ڪري وَٺندا. جَڏهن عَوام اُٿيو، جاڳيو، ۽ ماڻهن اُڀري للڪار ڪَئي ته هنن جا ڪيترائي نسل عوام کي زير ڪرڻ واري تمنا دلين مان ٻاهر ڪونه ڪڍندا.