جنيوا(م ڊ) پاڪستان، گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل جو اٺون ڀيرو غير مستقل ميمبر بڻجي ويو. جيڪو هڪ رڪارڊ آهي، پاڪستان جي غير مستقل ميمبر ٿيڻ جي ووٽنگ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78هين اجلاس ۾ ٿي، پاڪستان جي غيرمستقل ميمبرشپ لاءِ هندستان سميت 182 ملڪن حمايت ڪئي، پاڪستان 2025 کان 2026 لاءِ ميمبر چونڊيو آهي. پاڪستان کان اڳ ايشيا پيسفڪ گروپ جي سيٽ جاپان وٽ هئي. سلامتي ڪائونسل 15 ملڪن تي مشتمل آهي جنهن ۾ 5 مستقل ميمبر ۽ 10 غير مستقل ميمبر شامل آهن. غير مستقل ميمبرن کي جنرل اسيمبلي ٻن سالن جي مدي لاءِ چونڊيندي آهي.  وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان جي سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل ميمبر جي چونڊ تي عوام کي مبارڪون ڏنيون آهن. جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سلامتي ڪائونسل جو ميمبر ٿيڻ امن ۽ سلامتي لاءِ قوم جي عزم جو ثبوت آهي، چيلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي برادري سان ملي ڪرڻو پوندو. ان کان علاوه نائب وزيراعظم اسحاق ڊار پاڪستان جي سلامتي ڪائونسل جو غير مستقل ميمبر ٿيڻ تي مبارڪون ڏنيون آهن.