ھمايون شريف (ن پ ا) ھمايون شريف ڀرسان چوڏھيو سڌايو ۾ کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ ڪارنھن جي تڪرار جو  جرڳو شاھد سڌايو جي سرپئنچي ۾ ٿيو، ھڪ ڌر مٿان مجموعي طور چار لک ڏنڊ وڌو ويو،  ڪارنھن جا الزام ٻنهي ڌرين عبدالقادر کوسو ۽ لعل محمد کوسو پاران ھڪ ٻئي مٿان لڳايا ھئا ٻنهي ڌرين جا ڪارنھن الزام ڳالهين ۾ ڪوڙا قرار ڏنا ويا، اگرائي ڪرڻ حملي ۽ جھيڙي ۾ ٽن ماڻهن کي زخمي ڪرڻ مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ تي عبدالقادر کوسو جي ڌر مٿان مجموعي طور 4 چار لک ڏنڊ لڳايو ويو.الزام ھيٺ آيل ڌرعبدالقادر کوسو ڏنڊ جي رقم چار لک ٽن مھينن اندر لعل محمد کوسو جي ڌر کي ادا ڪندي، نبيري بعد ٻئي ڌريون ڀاڪر پائي پاڻ ۾ کير کنڊ ٿي ويون