ھالا (ن پ ا) ھالا ڀرسان ڳوٺ شاھ محمد ڏاھري ۾ شادي ۾ ٻارن جي معمولي ڳالھه تان ڏاھري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، جھيڙي ۾ فائرنگ دوران  9 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾  نوجوان عابد ڏاھري، شفيع محمد پٽ عاشق ڏاھري، سڪندر پٽ عباس ڏاھري، صغريٰ مڙس ٽوھ،  ظھورا، گلبانو، تسليما مڙس رحيم ڏاھري سميت 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين کي وارثن پاران کڻائي اسپتال منتقل ڪيو ويو.