نگران وڏي وزير راڻيپور جي ٻارڙي جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

0
181
سنڌ سرڪار سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي چيئرمين کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو
سنڌ سرڪار سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي چيئرمين کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو

ڪراچي: سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر عهدو سنڀالڻ شرط راڻيپور جي ٻارڙي فاطمه جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

حويلي ۾ ٻارڙيءَ جي مبينا قتل واري واقعي جي شفاف جاچ ڪرائڻ جي هدايت، نگران وڏي وزير جي سي ايم هائوس پهچڻ تي پوليس پاران کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو، چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر سهيل راجپوت نگران وڏي وزير سان سي ايم هائوس جي عملي ۽ ڪامورن جو تعارف ڪرايو

 وقتي آءِ جي سنڌ يعقوب منهاس نگران وڏي وزير سان ملاقات ڪري امن امان ۽ ٻين معاملن تي بريفنگ ڏني

 نگران وڏي وزير وقتي آءِ جي سنڌ کي راڻيپور ۾ قتل ڪيل ٻارڙي فاطمه جا قاتل گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو، نگران وڏي وزير مزار قائد تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي

هي به پڙهندا

فاطمه ڪيس، حويلي مان شاهديون هٿ، ٻارڙي جي قبر تي پوليس چوڪي قائم