نيڻن جي نيري ندي ۾ تنهنجا عڪس

0
183
نيڻن جي نيري ندي ۾ تنهنجا عڪس

 الله تعالي ت هر جاءِ وسي ٿو،فطرت جي ذري ذري ۾ ھن جا جلوا جرڪن ٿا، ڪارين راتين جون گهٽائون ، چانڊوڪين جو حسن ، پکين جون لاتيون ، وڻن جا گل ڦل، ڇانورا، پهاڙن جا اوچا ڳاٽ،دريائن جون لهرون ، بادلن جا رنگ،سڀ خلقڻھار جي وڏائي  جا چٽا عظيم اهڃاڻ آھن، هن جي وڏائي کان ڪير ٿو انڪار ڪري سگهي، شاهه لطيف، به انساني روح ۾ وسندڙ خلقڻھار جي جلوي جي موجودگي جو اظھار  ڪجھه هيئن ڪيو آھي .

مون ۾ تون موجود، آئون آسائي آھيان

 آئون آڳاهين آھيان

 صوفي سدائين  مالڪ جي مظهر کي پسڻ جا پياسا رهيا آھن، هو حقيقي محبوب جي درشن لاءِ سدائين سير سفر ۾ رهن ٿا،هنن جو تصوف ۾ اعتقاد آھي، تصوف جا ٻه مڪتب فڪر آھن،  هڪ نوفلاطوني ، اشراقي  ۽ ٻيواطلاقي جنهن جوتعلق  يوناني فلسفي ۽ ويدايت سان آھي ،ان مڪتب فڪر جا شارح  منصور،جلال الدين رومي ۽ شيخ فريدالدين عطار آھن، جن جو اصول وحدت الوجود  آھي۽ ٻيو مڪتب فڪر وحدت الشعود آھي جنهن جو سربراهه امام رباني مجدد الف ثاني رهيو آھي.

صوفين وٽ اندر جي روشني جو هجڻ ضروري آھي، جنهن سان خود شناسي پيدا ٿئي ٿي پاڻ سڃاڻڻ کان پوءِ هنن جي اڳيان ڪائنات جا لڪل راز پڌرا ٿي پون ٿا، ويراڳين،  سنياسين ۽ صوفين وٽ پالڻھار جو تصور عام ماڻھن کان گهڻو مختلف ۽ پيار ڀريو آھي. هو روحاني حدن ۾ لنگهي، حقيقي محبوب جو مشاهدو ماڻين ٿا۽ چئن دنيائن،ملڪوت، جبروت، هاهوت ۽ لاهوت جا سير ڪن ٿا، انهن سيرن ڪرڻ سان ئي حقيقي محبوب سندن روح ۾ ديرو ڪري ٿو پرجڏھن سندن اکيون کلن ٿيون ته سندن محبوب گم ٿي وڃي ٿو ۽ پوءِ هو وري وڇوڙي جي ڪيفيت ۾ مبتلا ٿي ٿا وڃن.

 سڄڻ منجهه هئام ، مون ويٺي واءُ ٿيا

هيڏھن هوڏنهن هٿڙا، هيئڙي جاڙ وڌام

هن ڪائنات ۾ مالڪ جي پرتي جا جلوا ڏينهن رات موجود رهن ٿا.صوفين وٽ ڪائنات هڪ عجيب لقاءَ آهي، جڏھن ته سائنس وٽ ان جي تصوير ڪجھه ٻي آھي، سائنس ۽ تصوف ڪيڏا نه هڪ ٻئي جي متضاد آھن، سائنسي علم۾، تحقيق، ترقي ۽ ايجادون آھن، جڏھن ته تصوف جي فلسفي ۾ نسورو پيار،روحاني سفر، تياڳ ۽ احساس آھن.  سائنس ڪائنات جو مشاهدو ۽ مطالعو ڪري ان نتيجي تي پهتي آھي ته ڪائنات هڪ ٽي طرفو جار آھي، جنهن جون ڪڙيون خوبصورت روشني سان ٺھيل آھن ۽ انهن جي وچ ۾ خالي جايون آھن، روشني ڳنڍن knots ۽ ڍير clumpجي شڪل ۾ آھي، جنهن مان روشني جون ڪيئي چادرون وڪڙ کائيندڙ شڪلين کي روشن ڪنديون آھن، انهن جو هر نقطوڪهڪشان آھي، ڪجھه ڪهڪشائون ايئن ڦاٽي پونديون آھن، جيئن زلزلي ۾ زمين ڦاٽندي آھي،  مطلب ته ڪهڪشائون به هڪ ٻئي سان ٽڪر ۾ ھونديون آھن.سائنس جي خيال سان اسان نا هموار ڪائنات آھيون، مادن ۽ توانائين جي گڏجڻ سان ڪهڪشائون جڙن ٿيون، جيڪي ڪائنات کي اسفنجsponge جيان ظاهر ڪن ٿيون،جيتوڻيڪ جيستائين سائنس ترقي نه ڪئي هئي، تيستائين دنيا ۾ تصوف جو وڏو غلبو هو، جڏھن کان مشيني دور آيو آھي، تڏھن کان ماڻھو صنعتي، سياسي، توڙي زرعي انقلاب لاءِ مٿو ٻڌي ميدان ۾ لهي پيا آھن.روحانيت،اعتماد،  امن توڙي احساسن جي دنيا ختم ٿيڻ لڳي آھي،

گانڌي جو چرخو ب بيھي ويو جيڪو زندگي کي معنيٰ ڏيندو هو. ٽالسٽاءِ پڄاڻان هارين سان محبت واري انسانيت به ختم ٿي ويئي، هاڻي ته هاري ۽ مزدور ٻول ٻڌل غلام بنجي چڪا آھن، انهن جي حالت رحم جوڳي ٿي ويئي آھي، صوفين جا ٿيندڙ سماع ختم۽ مڙھين جا در بند ٿي ويا آھن “مڙھه پوريائون ماٺ ٿي، واڄٽ ڪين وڃن” منهنجو خيال آھي ته سياست، ڪاروبار توڙي زندگي جي هر پاسي ۾ جيستائين محبت، روحانيت امن ۽ احساس ناهي، تيستائين اها زندگي الڪن، وسوسن، خوف، خطرن۽ دوکن سان ڀرپور رهي ٿي. ان زندگي ۾ پئسو ڀل ته ڪيترو به ڇو نه هجي، پر ان ۾ چين نه هوندو، ان ۾ لالچ، بي ايماني ۽ بي قدري سان گڏ خوف ۽ خطرو سدائين موجود رهندو آھي، ايئن جيئن دنيا جي سياسي تاريخ ۾ رهيو آھي. پاڪستان جي پهرين صدر سڪندر مرزا کي سندس اقتداري دور جي آخري ڏينهن ۾ خوف رهندو هو، هن مخالف ڌر جي خوف کان  1958ع۾ جنرل ايوب خان کي ڪمانڊر ان چيف مقرر ڪري ملڪ تي مارشل لا مڙھي ڇڏي هئي. هن کي جنرل ايوب خان کان تڏھن خوف ٿيڻ لڳو جڏھن ايوب خان مارشل لا ايڊمنسٽريٽر بنجي چڪو هو. سڪندر مرزا جو جنرل ايوب خان کان اهو خوف ان رات تائين موجود رهيو جڏھن هڪ رات هڪ بجي  هن کي زبردستي صدارتي هائوس مان ڪڍي ماڙيپور هوائي اڏي تان هوائي فوج جي جهاز ۾ چاڙھي  ملڪ بدر ڪيو ويو هو.
جنرل ضياءُالحق ذوالفقارعلي ڀٽي جو 1977ع ۾ تختو الٽو ڪرڻ کان پوءِ تيستائين هن کان خوف کائيندو رهيو جيستائين ڀٽو 4 اپريل1979ع تي ڳڙھي خدابخش جي قبرستان ۾ مٽي ماءَ حوالي نه ٿيو هو. اهڙي طرح سان نواز شريف کي به جنرل پرويز مشرف مان خوف ٿي پيو هو، جڏھن کان ڪارگل جي معرڪي منهن ڪڍيو هو،جنهن ڪري هن جنرل پرويز مشرف کي 1999ع ۾ معزول ڪري جنرل ضياءُ الدين بٽ کي آرمي چيف مقرر ڪيو پر فوج نواز حڪومت جو ترت تختو الٽو ڪري کيس گرفتار ڪري ورتو.سياست ڪيڏي نه بي رحم هجي ٿي، ان کي باز جهڙا چنبا ۽ شينهن جهڙي وحشت هوندي آھي، اقتدار ۾ ويٺل طبقو انهن چنبن سان مخالفن جي نه فقط چير ڦار ڪندو آھي پر انهن جو رت به چوسيندو آھي، اقتدار خاطر ڪڏھن پٽ پيءَ کي قيد ڪيو آھي ۽ ڀاءَ ڀاءَ کي ڪٺو آھي.

 اورنگزيب عالمگير پنهنجي وڏي ڀاءَ محمد دارا شڪوه کي 9 جون 1659ع تي بولان ڀرسان  گرفتار ڪرائي، 23آگسٽ1659ع تي مٿو اگهاڙو ڪري پٺي سان ٻانهون ٻڌائي هاٿي تي چاڙھي، دهلي شھر جو گشت ڪرايو ۽ پوءِ ساڳي شام کيس قتل ڪرائي ڇڏيو۽ ننڊي ڀاءَ مراد کي گواليار جي قلعي ۾ قيد ڪيو ويو. مغل شھنشاهه اورنگزيب عالمگير اقتدار خاطر نه فقط اهڙي جٺ ڀائرن سان ڪئي پر هن سندس پيءُ شهاب الدين محمد شاهه جهان کي به 1658ع ۾ قيد ۾  رکيو، جيڪو قيد ۾ ئي 22 جنوري 1666ع ۾ فوت ٿي ويو.

 سياست  سائنس ۽صوفي ازم جون دنيائون ڪيترو نه هڪ ٻئي کان الڳ ٿلڳ آھن، سائنس ۽ سياست جي دنيا هن جهان کي ئي سڀ ڪجهھ سمجهي ٿي، جڏھن ته صوفين جي جهان۾ هي دنياسفر جو رڻپٽ آھي جيڪو طئي ڪري اڳئين دنيا وڃڻو آھي. هنن وٽ ھتي سفر ۾ مايا کي ڀلائي نفس کي ماري مالڪ جا درشن ڪرڻا آھن،هنن وٽ مايا، مستي، لوڀ، لالچ ڪونهي، هوپاڻ کي قطرو ۽ حقيقي حق کي درياءَ سمجهن ٿا،جڏھن قطرودرياءَ ۾ ملي ٿوته پوءَ ھودرياءَ ٿي پوي ٿو. اهي ڳوڙھيون ڳالهيون صوفي لال محمد چانڊيو مرحوم ڪندو هو، هولباس کان لٺ ۽چمڙي جي گودڙي تائين مڪمل گيڙو رنگ ۾ نظر ايندو هو. هو جڏھن دوآٻي جي مک روڊ جي پاسي کان شام ٽاڻي سندس تڪئي تي اچي ويهندو هو ته ڪنهن ڪنهن ويلي اهڙيون ڳالهيون ٻڌائيندو هو  جو ماڻھو ڇرڪجي ويندوهو. هو چوندو هو ته ماڻھو مري ئي ڪونه ٿو,پر ويس مٽائي ٿوجيڪو ماڻھو هن دنيا ۾ چڱائي ڪندو اهو ايندڙ جنم۾ سهڻن پکين يا وري گلن ڦلن جو روپ ڌاري ايندو ۽ جيڪو ظلم ۽ تباهي ڪندو اهو وري ڪنهن بد شڪل جانور جو روپ ڌاري موٽ کائيندو.هو اڪثر ڪري ڪڏھن ڪڏھن مڪمل خاموش ٿي اکيون پوري ڇڏيندو هو ۽ ايئن لڳندو هو ڄڻ ته هو ويٺي ويٺي روحاني سير ٿو ڪري،هوڪڏھن اوچتو رڙ ڪري چوندو هو، آئون ڪو نه آھيان ڪو نه  آھيان،هي ڪوئي ٻيو ٿو ڳالهائي.

ذات صفات هڪائي آھي، ڀول نه وجهين ڀولي

سوئي اندر، سوئي ٻاهر،  سوئي تنهنجي چولي

تو ۾، مون ۾، ھن ۾ هرجا، سچ سچو ٿو ٻولي

هن وقت ترقي جي پٺيان ڊوڙندڙ دنيا کي صوفي ازم جي ڀل ته ڪا گهڻي ضرورت نه به هجي،پر امن،  محبت، ڀائيچارو، ايمانداري، سچ ، سهپ، برابري، احساس ۽ انسانيت جي اشد ضرورت آھي، ڇاڪاڻ ته انهن کان سواءِ  ھر انسان جي هي زندگي دکي ۽ ڪائنات  آتش نمرود جيان ٿي لڳي.