ڪراچي (اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ جو ڪرڪيٽر وليم ينگ بابر اعظم جي بيٽنگ جو ديوانو ٿي پيو آهي. نو ٽيسٽ ۽ 5 ون ڊي ۽ 8 ٽي توئنٽي ميچ کيڏندڙ نيوزيلينڊ جو رانديگر چوي ٿو ته بابر اعظم منهنجو ڀاءُ آهي، ان کان گهڻو متاثر آهيان. هن بابر کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان منهنجا آئيڊيل ۽ هيرو آهيو، منهنجا فيوريٽ بيٽسمين به آهيون، توهان مون کي بيٽنگ ٽپس ڏيندا ته توهان جو ٿورائتو رهندس.