ممبئي (شوبز نيوز) ڀارت ۾ هڪ همراهه هڪ ڪمپنيءَ ۾ نوڪريءَ جي درخواست ڏيندي لکيو ته مون کي نوڪري ڏيو ته جيئن آئون پنهنجي پسند جي ڇوڪريءَ سان شادي ڪري سگھان. اهڙي درخواست سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي آهي، جنهن ۾ اروا هيلٿ نالي ڀارتي ڪمپني جي باني ۽ سي اي او ديپالي بجاج هائرنگ لاءِ ڪنهن سٺي اميدوار جي ڳولا ۾ هو، جنهن دوران نوڪري جي خواهشمند هڪ درخواست گذار جي درخواست پهتي جنهن ۾ لکيل هو ته هو سندس اداري ۾ نوڪري جو خواش مند آهي، ان ڪري نوڪري ڪرڻ چاهي ٿو ته جيئن هو پنهنجي پسند جي ڇوڪريءَ سان پسند جي شادي ڪري سگھي. جڏهن درخواستگذار کان پڇيو ويو ته هو ان عهدي لاءِ خواهشمند ڇو آهي، ته هن بنا هٻڪ جي سبب ٻڌايو ته هو پنهنجي خوابن جي شهزاديءَ سان شادي ڪرڻ چاهي ٿو. ڇو جو ڇوڪريءَ جا مائٽ ضد تي آهن ته هو سندن ڌيءُ سان شادي ڪرڻ کان اڳ نوڪري ڳولي وٺي نه ته شادي ممڪن نه آهي. هن وڌيڪ چيو ته آئون هن نوڪريءَ لاءِ بهترين چونڊ ثابت ٿيندس. بعد ۾ ڪمپنيءَ اها درخواست ٽوئيٽر تي شيئر ڪندي لکيو ته ”هائرنگ به ڪڏهن کِل جوڳي ٿي سگهي ٿي“