نوابشاهه: سس کي ڇرين سان زخمي ڪندڙ ناٺي پوليس ھٿان گرفتار

0
240
سس کي ڇرين سان زخمي ڪندڙ
نوابشاهه: سس کي ڇرين سان زخمي ڪندڙ ناٺي پوليس ھٿان گرفتار !!

نوابشاهه: مريم روڊ جي رھواسڻ رفعت رشيد کي سندس ناٺي ڊاڪٽر عزيز سولنگي ٻارڙن جي مسئلي تان ڇرين جا وار ڪري سخت زخمي ڪري پاڻ فرار ٿي ويو. بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس جوابدار جي فون ٽريس ڪري کيس گرفتار ڪري ورتو.

جوابدار عزير سولنگي جي گھرواري فوت ٿي وئي هئي جنهن کان پوءِ ٽي ٻارڙا عدالت سڳوريءَ پاران سندس ناني وٽ رھڻ جي اجازت ڏني، جوابدار پنھنجي ٻارڙن کي زبردستيءَ وٺڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي سس کي ڇرين جا وار ڪري سخت زخمي ڪري ڇڏيو.