ننگرپارڪر (ن پ ا) ننگرپارڪر جي ڳوٺ ڪاسبو جي رھواسين تيپيدار خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي ارجڻ ميگھواڙ، تگو، ڀورو، جيتو، لالو ۽ ٻين دانهيندي چيو ته تپيدار بااثرن کان رشوت وٺي اسانجي زمينن جا ڪوڙا کاتا ٺهرائي ڇڏيا آهن، هنن چيو ته اسان سان ظلم ڪيو ويو آهي، نوٽيس وٺي تپيدار خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.