اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ  توهين رسالت جي الزام هيٺ گرفتار ننڪانه صاحب جي شهري طارق نقاش ۽ ٻين جوابدارن جي ايف آءِ آر مان توهين رسالت واري شقون ختم ڪرڻ واري درخواست تي ٽرائل ڪورٽ کي هدايت ڪئي آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪيل درخواست تي فيصلو اچڻ تائين حتمي فيصلو جاري نه ڪيو وڃي، جڏهن ته عدالت ان ڪيس ۾ ايندڙ ٻڌڻي تي جاچ آفيسر کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪندي شڪايت ڪندڙ شهرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، ڪالهه جسٽس سردار طارق مسعود جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ درخواست گذار طارق نقاش جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، درخواست گذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيوته ننڪانه صاحب ۾ ڪجهه شهري بغير اجازت احمدين جي عبادت گاهه ۾ داخل ٿيا، انهن پوليس کي شڪايت ڪئي ته احمدين جي عبادتگاهه ۾ ڪلمه طيبه لکيل آهي ۽ اتي قرآن پاڪ به موجود آهي، ان درخواست تي ٽرائل ڪورٽ جوابدار مٿان توهين رسالت جي قانون تحت چارج فريم ڪيو، لاهور هاءِ ڪورٽ ٽرائل ڪورٽ جو حڪم برقرار رکيو، هاءِ ڪورٽ جي حڪم مطابق ڪو به احمدي ڪلمو نه ٿو پڙهي سگهي ۽ قرآن پاڻ وٽ نه ٿو رکي سگهي، ائين ڪرڻ سان توهين رسالت آهي، عدالتون جيڪڏهن اهڙا فيصلا ڏينديون ته سيالڪوٽ جهڙا واقعا روز ٿيندا، هن وقت تائين ملڪ ۾ 68 ماڻهن کي توهين رسالت سبب ماريو ويو آهي، عدالت لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ختم ڪري ڪيس ۾ توهين رسالت قانون واريون شقون هٽائڻ جو حڪم ڏئي، جسٽس طارق مسعود چيو ته ٽرائل ڪورٽ چارج فريم ڪرڻ وقت اهڙيون آبزرويشن ڪيئن ڏئي سگهي ٿي، جسٽس جمال خان مندوخيل چيو ته ٽرائل ڪورٽ جون آبزرويشنز ائين لڳن ٿيون ته اهو حتمي فيصلو آهي، بعد ۾ عدالت ٻڌڻي اڻ ڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.