نسلا ٽاور ڪيس، منظور ڪاڪا طرفان ضمانت لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل

0
184
نسلا ٽاور ڪيس، منظور ڪاڪا ۽ مختيارڪار طرفان ضمانت لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل
نسلا ٽاور ڪيس، منظور ڪاڪا ۽ مختيارڪار طرفان ضمانت لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل

ڪراچي: نسلا ٽاور جي غيرقانوني الاٽمينٽ ڪيس ۾ گرفتار منظور قادر ڪاڪا ۽ مختيارڪار خير محمد ڏاھري ضمانت لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي، عدالت جوابدارن جي ضمانت واري درخواست تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن

 5 سيپٽمبر تائين جواب طلب ڪيو ويو آهي، ڪراچي جي صوبائي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي اڳوڻي ڊي جي منظور قادر ڪاڪا جي طبي معائني لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ جو حڪم به ڏئي ڇڏيو آهي

عدالت حڪم ڏنو ته ميڊيڪل بورڊ منظور قادر ڪاڪا جي ميڊيڪل رپورٽ جو جائزو وٺي تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وڃي

 چيف ميڊيڪل آفيسر عدالت کي آگاھي  ڏيندي چيو ته منظور قادر ڪاڪا شوگر جو مريض آھي، 20 سالن کان انسولين وٺي رهيو آهي، سندس منھن ۾ به ڪينسر جو شڪ آهي، بيماري سبب منظور قادر ڪاڪا کي تمام گهڻين تڪليفن کي منھن ڏيڻو پوي ٿو