نبي سر روڊ  (ن پ ا) نبي سر ٿر ڳوٺ ڪيٽل فارم تي سرڪاري زمين تي بيٺل  وڻن جي معاملي تان چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، جنھن دوران لتن، مڪن، لٺين ۽ پٿرن جو وسڪارو ڪيو ويو. جنھن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا رمضان، ولي محمد، بلاول ۽ ٻيا زخمي ٿي پيا، بعد ۾ آسپاس جي ڳوٺاڻن وچ ۾ پئي جھيڙي کي ٽاريو، جڏھن ته اطلاع باوجود پوليس نه پھتي ھئي.