نئون ڳوٺ (رپورٽ: خورشيد لاکير)  نئون ڳوٺ ڀرسان ڪچي واري علائقي  ڳوٺ ڊاڀي ۾ مگسي ۽ ناريجا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو دوران فائرنگ ۾ 45 ورھين جو شبير ملاح قتل ٿي ويو، جڏھن ته 2 ڄڻا عبدالحڪيم ناريجو ۽ محراب ملاح زخمي ٿي پيا، وارثن پاران مقتول جو لاش ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو ويو، اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد مقتول جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو،   شاھ پنجو پوليس موجب ھڪ سال اڳ نوجوان عامر مگسي ۽ مھتاب ناريجو گهران نڪري پسند جي شادي ڪئي هئي، جنهن تان  مگسي ۽ ناريجا برادري جي ٻن ڌرين ۾ تڪرار شروع ٿيو هو، معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.   ٻي طرف زخمين موجب اسان زرعي زمين کي پاڻي ڏيڻ لاءِ  ويا ھئاسين، زرعي زمين تي پاڻي جي معاملي تان جوابدارن حملو ڪري اسان جو همراهه ماريو آهي.