واشنگٽن(م ڊ) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه آصف چيو آهي ته آپريشن عزم استحڪام تحت سرحد پار موجود دهشتگردن جي پناهه گاهن کي به نشانو بڻائي سگهجي ٿو، فيصلو تڪڙ ۾ ناهي ٿو، ملڪ ۾ اهڙو سياسي ماحول موجود آهي ته سياسي پارٽيون پنهنجي مفادن جي اڳيان حڪومتي فيصلن کي اسپيس نه ٿيون ڏيڻ چاهين. آمريڪي خابرو اداري کي انٽرويو ۾ هن چيو ته آپريشن جي حوالي سان سياسي پارٽين جا جيڪي خدشا آهن اهي ختم ڪيا ويندا.