نئون دمبالو (ن پ ا) نئون دمبالو ويجهو شاخ نمبر 1جي پوڇڙي جي آبادگارن محمد بچل آريسر، اڪرم آريسر، سلطان علي چانگ، مومن پٺاڻ، علي بخش سپيو ۽ ٻين احتجاجي مظاهري بعد صحافين اڳيان دانھيندي چيو ته منڊ جا آبادگار آبپاشي عملدارن ۽ عملي کي لکين رپيا رشوت ڏئي پوڇڙ جي آبادگارن کي ھٿ وٺي سوڪهڙي جو شڪار بڻائي رهيا آهن. ان ڪري پوڇڙ ۾ پاڻيءَ جي تمام گھڻي کوٽ آھي، اسان اڃا تائين ڪو به فصل نه پوکي سگھيا آھيون. ھنن چيو ته منڊ جا زميندار واٽر ڪورسن جا موڳا ٽوڙي، رشوت ڏئي 10حصا وڌيڪ پاڻي کڻي رھيا آھن. ٻئي پاسي پوڇڙ ۾ ٻن مهينن کان پاڻي نه پهتو آهي. مظاهرين جو چوڻ هو ته انجنيئر ۽ ايس ڊي او جي آشيرواد سان منڍ جا آبادگار غيرقانوني واٽر ڪورس ڪڍي غيرآباد ٻنيون به آباد ڪري رھيا آھن. ھنن لاڳاپيل ايريگيشن عملدارن ۽ ضلعي انتظاميا کي چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن پوڇڙ ۾ پاڻي فراهم نه ڪيو ويو ته احتجاجي ڪئمپون قائم ڪري ايس ڊي او ۽ آبپاشي عملي جو گهيرو ڪيو ويندو.