ممبئي (شوبزنيوز) ڀارتي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ اسٽار بيٽر ويرات ڪوهلي به ميچ جون ٽڪيٽون گهرڻ سبب پريشان ٿي ويو آهي. ڀارتي ڪرڪيٽر ويرات ڪوهلي پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري تي لکيو جيئن ورلڊ ڪپ شروع ٿي چڪو آهي هو پنهنجي دوستن کي گذارش ڪرڻ چاهي ٿو ته ٽڪيٽ جي گُهر نه ڪريو ۽ گهر ۾ ويهي ڪرڪيٽ جو مزو وٺو. ڪوهلي جي اسٽوري تي سندس گهرواري انوشڪا به پوئتي نه هٽي ۽ پنهنجي ردعمل جو اظهار ڪيو. سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ انوشڪا شرما چيو ته هوءَ پڻ اِهو ٻڌائڻ چاهي ٿي ته ڪوهلي طرفان جواب نه ملڻ تي مهرباني ڪري کيس ٽڪيٽ وٺي ڏيڻ لاءِ درخواست نه ڪئي وڃي مهرباني.