ڪراچي (م ڊ) مڇريل مظاهرين پاران صحافين تي به حملا ڪيا ويا، لاهور ۾ نجي ٽي وي چينل 92 نيوز جي رپورٽر تي حملو ڪيو ويو، ڪيمرا مين تي تشدد ڪري وڊيو ڊليٽ ڪرائي وئي، ان کان هڪ ڏينهن اڳ ڪراچي ۾ نجي ٽي وي چينل اي آر واءِ نيوز جي ٽيم تي حملو ڪيو ويو هو، فيصل آباد ۾ به ساڳئي چينل جي رپورٽر تي حملو ڪيو ويو.