هالا (ن پ ا) اڳوڻي ايس ايچ او نيوسعيدآباد غلام حسين کوسو تي مبينا ڪرپشن، ڀتا خوري ۽ ايس ايس پي آفيس مٽياري ۾ ٽوڙ ڦوڙ ڪرڻ جا ڪيس داخل هجڻ جي واقعي بعد ضلعي مٽياري جي پوليس آفيسرن ۾ ڀتاخوري، منشيات وڪرو ڪندڙن ۽ ڏوهارين سان ملي ڀڳت ڪندڙ پوليس آفيسرن سرد جنگ تيز ٿي وئي آهي، ڊي ايس پي هيڊ ڪوارٽر شاهنواز ميمڻ پاران آر پي او حيدرآباد کي ايس ايچ او مٽياري اعجاز سومرو خلاف ڪرپشن، منشيات فروشن ۽ ڏوهارين جو ساٿاري هجڻ جا ثبوت لکت ۾ جمع ڪرايا ويا آهن، جنهن تي ايس ايس پي مٽياري آصف ٻگهيو ڊي ايس پي مٽياري شاهنواز ميمڻ جي اهڙي رويي جو سخت نوٽيس وٺندي سندس خلاف فوري سخت قدم کڻندي کيس مٽياري تان هٽائي حيدرآباد بدلي ڪرائي ڇڏيو آهي. مٽياري مان هٽايل ڊي ايس پي شاهنواز ميمڻ پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز کي ٻڌايو ته ايس ايس پي مٽياري آصف ٻگهيو ايس ايچ او مٽياري اعجاز سومرو جو ڪارو چٺو آر پي او حيدرآباد آڏو پيش ڪرڻ تي کيس سچ ڳالهائڻ، حقيقتون ظاهر ڪرڻ تي سزا ڏني وئي آهي. هن چيو ته اعجاز سومرو جهڙن آفيسرن جي موجودگي ۾ ضلعي پوليس مٽياري ۾ ڪڏهن به سڌارو نه اچي سگهندو. مٽياري ۾ ڪرپشن، ڀتا خوري، منشيات وڪرو ڪندڙن سان ملي ڀڳت ڪري مٽياري پوليس کي بدنام ڪيو پيو وڃي.