مٽياري (رپورٽر) مٽياري ڀرسان کنڊو رورل هيلٿ سينٽر تي ويم دوران عورت مريم کوسو مبينا طور فوت ٿي وئي، ان حوالي سان فوتي عورت جي مڙس الزام هڻندي چيو ته زال مريم کي ويم لاءِ کنڊو اسپتال کڻائي آياسين، زال جي حالت خراب هجڻ سبب ڊاڪٽرن عورت کي زبردستي حيدرآباد وڃڻ لاءِ چيو، عورت 2 ڪلاڪ اسپتال ۾ تڙپندي رهي، هن ٻڌايو ته ايمبولينس ڊرائيور غائب هجڻ ڪري زال کي پرائيويٽ ڪار ۾ حيدرآباد منتقل ڪري رهيا هئاسين ته هن رستي ۾ ٻار سميت دم ڏئي ڇڏيو، غلام دين کوسو وڌيڪ چيو ته ڊاڪٽر منهنجي زال ۽ پٽ جا قاتل آھن، علاج صحيح نه ڪرڻ سبب زال ۽ ٻار فوت ٿي ويا آهن، هنن چيو ته زال تڙپندي رهي پر ڊاڪٽرن علاج نه ڪيو ۽ ايمبولنس به نه ڏني وئي، هن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته غفلت ڪندڙ ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.