مٺي جي ڪشمير چوڪ تي مارين هٿان ماريل 9 هرڻن جو ٽئين ڏينهن به تڏو وڇايل

0
143
مٺي جي ڪشمير چوڪ تي

مٺي: مٺي جي ڪشمير چوڪ تي مارين هٿان ماريل 9 هرڻن جو ٽئين ڏينهن به تڏو وڇايل، تڏي ۾ موجود ڳوٺاڻن طرفان هرڻن جي شڪار تي تعزيت وصول ڪئي پئي وڃي

 ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته هو هرڻڻ جا لاش دفنائڻ گهرن ٿا، وائيلڊ لائيف کاتي کان مطالبو آهي ته هرڻن جا لاش سندن حوالي ڪيا وڃن، گذريل ڏينهن شڪارين هٿان ماريل 9 مان 7 هرڻڻ جي لاشن جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويو

 2 هرڻ کڻي فرار ٿيل شڪارين کي هٿڪيو ڪرڻ لاءِ تحرڪ نه ورتو ويو، وائيلڊ لائيف کاتي ٻئي ڏينهن به شڪارين خلاف ڪيس داخل نه ڪرايو

 ڳوٺاڻن طرفان پوليس حوالي ڪيل 3 شڪارين کي اڄ رمانڊ لاءِ عدالت ۾ پيش ڪرڻ جا امڪان، گرفتار شڪارين ۾ احمد علي، سلام باري ۽ غني نهڙيو شامل آھن

ھي به پڙھندا

مٺي: شڪارين ناياب نسل جا 9 هرڻ ماري ڇڏيا، 3 شڪاري هرڻن سوڌو سوگها: ڌرڻو