دادو (رپورٽر) دادو جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ ام رباب چانڊيو جي پيءُ مختيار ، ڏاڏي ڪرم الله ۽ چاچي ڪابل چانڊيو قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي دوران ام رباب چانڊيو ، پي پي ايم پي ايز سردار احمد چانڊيو ، برهان خان چانڊيو ۽ ٻيا پيش ٿيا، انهيءَ دوران سردار چانڊيو ڌر جو وڪيل پيش نه ٿيڻ تي عدالت ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي 8 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ٻڌڻي دوران عدالتي حڪم تحت پوليس سيڪيورٽي هاءِ الرٽ رکندي غير ضروري طور سردار احمد ۽ برهان خان سان ملڻ لاءِ ايندڙ ماڻهن کي واپس ڪري ڇڏيو، ام رباب چانڊيو پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته سردار احمد چانڊيو وارا ٻين جي ڪردار ڪشي ڪندا آهن پر پاڻ وڏا چور نڪتا آهن، ايم پي اي سردار احمد ۽ برهان خان چانڊيو تي نيب ڪرپشن جا ريفرنس داخل ڪيا ۽ سندن ماءُ تي پڻ ريفرنس داخل ٿيڻ وارو آهي، هن چيو ته سردار چانڊيو وارن اسان کي عدالتن ۾ ٿريٽ ڏنا ۽ هاڻي ميهڙ ۾ اچي اسان کي قتل ڪرڻ جون سري عام ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، هو ڪيس ۾ جوابدار آهن ، ضمانت جو نا جائز فائدو وٺندي اسان کي ڌمڪيون پيا ڏين، ڪيس تڪڙو اڪلائڻ وارن حڪمن جي باوجود ڪيس نه ٿو هلايو وڃي، ٻئي طرف سردار احمد چانڊيو چيو ته اسان کي عدالتن تي اعتماد آهي، ان ڪري هر حاضري تي پيش ٿيون ٿا.