ميهڙ شهر کي ٻوڏ جو خطرو برقرار، گاجي کھاوڙ ڀرسان ڌامراھ واھ کي مختلف ھنڌن تي 3 گھارا

0
707

ميھڙ: ميهڙ شهر کي ٻوڏ جو خطرو برقرار آھي، شهر کي بچائڻ لاءِ اڏيل رنگ بند تي 5 فُٽن تائين بيٺل پاڻي جو دٻاءُ برقرار آھي، ميهڙ باءِ پاس ۽ سوين ڳوٺ پاڻي جي گهيري ۾ اچي ويا

 ٻوڏ جو پاڻي شهر جي چئني پاسن کان 25 ڪلوميٽرز تائين پکڙيل آھي، سُپريو بند کي لڳل گهاري جو پاڻي ميهڙ- وارهه روڊ سان ٽڪرائجي ويو، ڪاڇي واسين لاءِ ميهڙ کان کُليل رستو بند ٿيڻ جو خدشو آھي

ڪمال خان موري کان زيرو پوائنٽ تائين پاڻي جو دٻاءُ وڌڻ تي ڳوٺاڻن منڇر بند کي ڪٽ ڏئي پاڻي جو رُخ منڇر ڏانهن موڙي ڇڏيو، ڪٽ واري جاءِ تان ايم اين اي وي ڊرين جي پاڻيءَ جو منڇر ۾ ڇوڙ جاري آھي

علائقي واسين جو چوڻ آهي ته جوهي واري پاسي ڪمال خان موري وٽ پاڻي بند کي اوور ٽاپ ڪري رهيو هو، جنهن بعد ڳوٺاڻن منڇر بند کي ڪٽي ڏئي پاڻي منڇر ۾ ڇوڙ ڪيو آهي

گاجي کهاوڙ ڀرسان ڌامراهه واهه کي مختلف هنڌن تي 280 فُٽن جا 3 گهارا، پاڻي گاجي کهاوڙ ڏانهن وڌڻ لڳو آھي، ڌامراهه واهه کي ڳوٺ ڳاڙهي سامهون 300، ڳوٺ سوائي وٽ 200 ۽ 91 موري وٽ 80 فُٽن جا گهارا پئجي ويا

آبپاشي عملدارن گهار بند ڪرڻ يا شهر بچائڻ لاءِ تحرڪ نه ورتو،  گاجي کهاوڙ شهر کي بچائڻ لاءِ رنگ بند کي مضبوط ڪرڻ جو ڪم جاري آھي

مٽياري ڀرسان ڇنڊڻ موريءَ جي منهن جو دروازو ٽٽي پيو، پاڻي ڀرپاسي جي ڳوٺن ڏانهن تيزي سان وڌڻ لڳو آھي

علائقي واسين جو چوڻ آهي ته مين روهڙي ڪئنال جي ڏهه دري موري وٽ ڇنڊڻ موريءَ جو در پاڻيءَ جي دٻاءُ سبب ٽٽي پيو آهي، اطلاع ڏيڻ باوجود آبپاشي عملدارن پاڻي روڪڻ لاءِ تحرڪ نه ورتو آھي

ملڪاڻي شريف ڀرسان پراڻ ڍوري کي لڳل ٻن گهارن مان هڪ ٻڌجي ويو، ٻئي گهاري کي ٻڌڻ جي ڪوشش جاري آھي، گهارن جي پاڻي ملڪاڻي شريف جي 30 کان وڌيڪ ڳوٺن کي ٻوڙي ڇڏيو آھي

هزارين متاثر خاندان رستن تي بي يارو مددگار ويٺل، ڦاٿل ماڻهو ڀاڙا ڀري ٻيڙين ذريعي محفوظ هنڌن تي منتقل ٿيڻ لڳا

ھي به پڙھندا

دادو: ايم اين وي ڊرين تي ڳري مشينري پهچڻ بعد ڏنڊا بردار ڳوٺاڻا پهچي ويا، ڇڪتاڻ

ايم اين وي ڊرين ۽ جوهي برانچ کي لڳل ڪٽ جو پاڻي رنگ بند سان ٽڪرائجي ويو

منڇر ڍنڍ يا ايم اين وي ڊرين کي ڪو به ڪٽ نه ٿا لڳايون: مراد علي شاهه