ميرپورخاص (ن پ ا) 32 ليٽر ڪچي شراب ڪيس ۾ نامزد پوليس اھلڪار شفيع ناريجو عدالت ۾ پيش، عدالت 14 ڏينھن جي رمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو، ان ڏس ۾ ھڪ ڏينھن اڳ دلبر مھر ٿاڻي جي حد ۾ جمڙائو ڪينال ويجھو پوليس ڪارروائي ڪري پراڻي ميرپور ٿاڻي جي پوليس اھلڪار شفيع ناريجو کي گرفتار ڪري وٽانئس 32 ليٽر ڪچو شراب ھٿ ڪري مٿس 3/4 تحت ڪيس داخل ڪيو ھو، جنھن کي دلبر مھر ٿاڻي جي پوليس ڪنزيومر پروٽيڪشن مئجسٽريٽ ڪورٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي عدالت کيس 14 ڏينھن جي رمانڊ تي جيل حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ذريعن کان معلوم ٿيو آھي ته پوليس اھلڪار شفيع ناريجو جمڙائو پوليس چوڪي تي ڊيوٽي ڪندو ھو ۽ موٽر سائيڪل تي ڪچو شراب پڻ وڪرو ڪندو ھو.