ميرواهه گورچاڻي (ن پ ا) ميرواهه گورچاڻي ڪنري روڊ تي ڳوٺ الله رکيو گورچاڻي وٽ تيز رفتار ايئر ڪنڊيشن مسافر ڪوچ اوچتو سامهون ايندڙ موٽر سائيڪل کي بچائيندي روڊ کان هيٺ لهي وئي جنهن سبب مسافر معجزاڻي طور بچي ويا. جڏهن ته ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو ڪجهه مسافر معمولي زخمي ٿي پيا علائقي واسين مسافرن کي رورل هيلٿ سينٽر ميرواهه گورچاڻي آندو جتي طبعي امداد ڏيڻ بعد روانو ڪيو ويو.