لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) باقراڻي ٿاڻي جي حد ريلوي اسٽيشن ڀرسان ڳوٺ ڀنگي ڪلهوڙا ۾ شادي تقريب دوران گهوٽ جي ڀاءُ اطهر ڪلهوڙو کان موٽرسائيڪل ڦر جي اطلاع تي ڳوٺاڻن هٿياربندن جو پيڇو ڪيو ته هٿياربندن فائرنگ ڪري فرحان ڪلهوڙو کي گولي هڻي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، جنهن کي وارثن زخمي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو، جتي کيس طبي امداد ڏني وئي، ان موقعي تي زخمي جي وارثن ٻڌايو ته ڳوٺ ۾ اسان جي مائٽ جي شادي هئي، جتي اسين ماني کائي رهيا هئاسين ته هٿياربندن گهوٽ جي ڀاءُ اطهر ڪلهوڙو کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي ويا، جن جو پيڇو ڪرڻ تي هٿياربندن نوجوان فرحان کي گولي هڻي زخمي ڪري موٽرسائيڪل ڪاهي فرار ٿي ويا آهن.