موٽر وي ميگا ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار 6 ئي جوابدار جيل منتقل

0
298
موٽر وي ميگا ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار 6 ئي جوابدار جيل منتقل
موٽر وي ميگا ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار 6 ئي جوابدار جيل منتقل

موٽر وي ميگا ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار 6 ئي جوابدار جيل منتقل ٿي ويا جڏهن ته معطل ڊي سي مٽياري تاشفين عالم بدستور روپوش قرار ڏنل آهي

موٽروي ميگا ڪرپشن ڪيس ۾ نوشهروفيروز کان سکر تائين منصوبي ۾ ڪرپشن الزام هيٺ گرفتار 6 جوابدار حيدرآباد جي احتساب عدالت ۾ پيش ٿيا

نوشهروفيروز ڊسٽرڪٽ جيل مان جوابدار ڊي سي آفيس جي پي اي عبدالعزيز انصاري, اڳوڻي  اسسٽنٽ ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر سجاد ميمڻ, مختيارڪار محراب پور شفيق احمد سومرو, تعلقي محرابپور جي تپيدار غلام حقاني, رٽائرڊ اسسٽنٽ ڊي سي آفيس رستم کوسو ۽ اسٽامپ وينڊر آفتاب سومرو کي ٻڌڻي لاءِ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو

عدالت جوابدارن جي حاضري بعد ٻڌڻي ملتوي ڪندي کين نوشهروفيروز جيل منتقل ڪرڻ بدران حيدرآباد سينٽرل جيل موڪلڻ  جو حڪم ڏنو

اينٽي ڪرپشن پوليس نوشهرو فيروز 5 ڊسمبر 2022ع ڪرپشن جو ڪيس نوشهرو فيروز جي معطل ڊي سي تاشفين عالم سميت 11 ڄڻن خلاف داخل ڪري 6 جوابدار گرفتار ڪيا جڏهن ته معطل ڊي سي تاشفين عالم سميت 5 ڄڻا روپوش ٿي ويا

5 جولاءِ 2023ع تي نيب اينٽي ڪرپشن ڪورٽ سکر کي درخواست ڏني ته موٽروي منصوبي جي جاچ سندن حوالي ڪئي وڃي

هي به پڙهندا

دادو جي سرڪاري گودامن مان ڪڻڪ جون 3 لک ٻوريون وڪڻڻ جو انڪشاف