مورو (ن پ ا) مورو ۾ اي سي مستقيم قريشي مارڪيٽ ڪاميٽي عملي سان گڏجي وڌيڪ اگھه وٺندڙن خلاف ڪارروائي ڪري رهيو هو ته مقامي صحافي الطاف سومرو اي سي کان سوال ڪيو، جنهن تي اي سي مڇرجي پيو ۽ پوليس گھرائي صحافي کي گرفتار ڪرائي ڇڏيو، ان ڏس ۾ شھري مورو ٿاڻي ۽ اي سي آفيس پھتا، شهرين چيو ته صحافي سوال ڪري سگهي ٿو، اي سي جو اھڙو عمل برداشت جوڳو ناهي، صحافي جي گرفتاري جون ميڊيا تي خبرون هلڻ بعد اي سي گرفتار ڪرايل صحافي کان معذرت ڪري کيس آزاد ڪرائي ڇڏيو، اي سي چيو ته سمورن صحافين ۽ شھرين کان معذرت ڪريان ٿو.