ڪراچي (رپورٽ: دودو چانڊيو) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ملڪ ۾ اٽي بحران جو ذميوار سنڌ حڪومت کي قرار ڏيندي چيو آهي ته پنجاب ۾ اٽو 55 ۽ سنڌ ۾ 74 رپيا في ڪلو ملي رهيو آهي. هر جاءِ تي مهانگائي جو هُل آهي، اپوزيشن ۽ هارايل سياستدان به پروپئگنڊا پيا ڪن ، چون ٿا ته منهنجو پيءُ وزيراعظم هو، آئون به ڳالهائيندس، گورنر هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته يورپ سميت سڄي دنيا ۾ مهانگائي وڌي آهي، گيس جون قميتون وڌيون آهن. پاڪستاني حڪومت حالتن جي ابتڙ مهانگائي تي ڪنٽرول ڪيو آهي، هن چيو ته حڪومت ملڪ ۾ مسافر خانا ۽ لنگر خانا قائم ڪيا ته جيئن ڪو شهري بکيو نه سمهي.. هن چيو ته پنجاب ۾ اٽو 55 ۽ سنڌ ۾ وري 74 رپيا ڪلو ملي رهيو آهي، هي چاهين ٿا ته اٽي جو اگهه 80 رپين تي پهچي، هن چيو ته سنڌ سرڪار پاران 16 آڪٽوبر کان ڪڻڪ رليز ڪرڻ جو ڪهڙو جواز آهي؟ اڳ ۾ ڪڻڪ جي ٻورين مان مٽي نڪري پئي. هن چيو ته ڪڪڙ جو گوشت سنڌ ۾ 280 ۽ پنجاب ۾ 240 رپيا آهي. هن چيو ته وزيراعظم ۽ آرمي چيف ۾ ملاقات ٿي آهي، سول ۽ ملٽري قيادت هڪ پيج تي آهن ۽ قائم رهنديون، انهن ۾ ڪو اختلاف ناهي. هن چيو ته پاڪستاني تاريخ ۾ ڪنهن حڪمران پنهنجن ماڻهن جو احتساب نه ڪيو، رڳو عمران خان ئي پنهنجن ذاتي دوستن جون من مستيون هلڻ نه ڏنيون، پينڊورا پيپر ۾ نالا اچڻ تي انڪوائري ڪميشن ٺاهي، باقي سزا ڏيڻ ڪورٽ جو ڪم آهي. هن چيو ته گرين لائين جون باقي رهيل 40 بسون سڀاڻي پهچي رهيون آهن، ڊرائيورن جي ٽريننگ هلي رهي آهي، هڪ مهيني ۾ گرين لائين هلائڻ جي ڪوشش ڪنداسين. هن چيو ته ڪي سي آر مڪمل ٿيڻ ۾ اڃا ٻه سال لڳندا. هن چيو ته اسان کي پڪ آهي ته ايندڙ ڏهه سال به پي ٽي آءِ جي حڪومت هوندي، هن چيو ته سنڌ ۾ صحت ڪارڊ نه ڏئي سگھيا آهيون، صوبائي حڪومت اسانجي آڇ کي رد ڪري ڇڏيو، گهرن جي اڏاوت ۾ به مسئلا درپيش آهن. ان موقعي تي وزيراعظم جي خاص معاون مولوي محمود چيو ته ملڪ ۾ ڪڻڪ ۽ کنڊ جا ذخيرا موجود آهن، هن چيو ته هيل ڪمند جو بمپر فصل لهندو، جنهن بعد کنڊ جي قيمت 90 رپيا في ڪلو کان به گھٽجي سگھي ٿي. هن ٻڌايو ته ڊسمبر تائين جي ايل اين جي موجود آهي.

ڪراچي: سنڌ جي اطلاعات واري وزير سعيد غني چيو ته گورنر کي ڪڻڪ جي پيداوار، کپت ۽ خريداري بابت شايد ڪا به ڄاڻ ناهي. جيڪڏهن کيس اهڙي ڄاڻ هجي ها ته پنهنجي حڪومت جي نالائقي لڪائڻ لاءِ اهڙي ڳالهه نه ڪري ها. سنڌ جي گورنر جي لڳايل الزامن جو جواب ڏيندي هن چيو ته ملڪ ۾ ڪڻڪ جي کپت (گهرج ) 2 ڪروڙ 80 لک ٽن ۽ پيداوار 2 ڪروڙ 70 لک ٽن آهي، رڳو پنجاب ۾ 2 ڪروڙ ٽن ڪڻڪ پيدا ٿيندي آهي. پنجاب ۾ ضرورت کان وڌيڪ ڪڻڪ جي پيداوار باوجود اتي اٽي جي کوٽ ۽ قيمتن ۾ اضافو گورنر صاحب کي نظر نه پيو اچي. هن چيو ته پنجاب ۾ جيڪو اٽي جو استعمال ٿيندو آهي، اهو ڪراچيءَ ۾ ناهي ٿيندو، ڪراچي ۾ استعمال ٿيندڙ فائن اٽي جي پنجاب ۾ قيمت 70 رپين کان وڌيڪ آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت 15 آڪٽوبر کان فلور ملن ۽ اٽي چڪين کي ڪڻڪ جاري ڪندي، جنهن بعد صوبي ۾ اٽي جي قيمتن ۾ گھٽتائي اچڻ شروع ٿي ويندي، هن چيو ته صوبائي سرڪار پاران ڪڻڪ خريداريءَ جو مقصد سال جي آخري 5 مهينن ۾ اٽي جي وڌندڙ قيمتن تي ڪنٽرول ڪرڻ هوندو آهي