اسلام آباد(م ڊ) ملڪ جي واپارين جي تنظيم فيڊريشن آف پاڪستان چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊزسٽريز ايف پي سي سي آءِ وڌيڪ ٽيڪس لڳائڻ يا ٽيڪسن ۾ اضافي کي رد ڪندي چيو آهي ته ناڻي واري اڳوڻي وزير مهانگو قرض ورتو ان جي جاچ ڪرائي وڃي. ايف پي سي سي آءِ ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين کي آءِ ايم ايف سان ڳالهين کان اڳ خط لکيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ناڻي واري اڳوڻي وفاقي وزير آءِ ايم ايف کان مهانگو قرض ورتو. ٽيڪس نيٽ کي وڌائڻ لاءِ وياج جي وڌيڪ شرح تي قرض ورتو ويو. هنن چيو ته آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ ٽيڪسن ۾ وڌيڪ اضافو منظور نه آهي.