ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار منير مصراڻي جتوئي سوڌو 28 بدنام ڌاڙيلن تي ساڍا 3 ڪروڙ رپيا انعام رکي ڇڏيو، گهرکاتي جي ذريعن موجنب منير مصراڻي تي 13 سال اڳ رکيل 10 لک انعام وڌائي هڪ ڪروڙ ڪيو ويو، جڏهن ته حضورو بنگلاڻي ، مهيسر بنگلاڻي ، واشو بنگلاڻي تي 15 لک ، دلجان گلواڻي ، حاڪم جعفري، خان محمد ڏاهاڻي، بهارو ڏاهاڻي، واجد ڪنڊراڻي، حاڪم ڀيو، نواب جاگيراڻي ۽ علي سبزوئي تي 10 لک انعام رکيو ويو آهي