لاهور: (بيورو رپورٽ+م ڊ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته ڪنهن به هڪ پارٽي کي ڪنهن کي پي ڊي ايم مان ڪڍڻ جو اختيار نه آهي، عوامي مفادن جي ابتڙ بجيٽ سازي جي مزاحمت ڪئي ويندي، عوام دشمن بجيٽ منظور ٿيڻ نه ڏينداسين. نواز شريف کي پيرين پئي به قومي مفاهمت ڪرڻ تي راضي ڪندس، پارليامينٽ کي تالو لڳائي آرڊيننس وسيلي آئين ۾ ترميم ڪئي پئي وڃي ملڪ ائين اڳتي نه وڌي سگهندو. ڪا اڪيلي پارٽي ڪنهن کي اقتدار مان نه ٿي ڪڍي سگهي. سي پيڪ رولڙي جو شڪار ٿي ويو آهي، بجيٽ سيشن بابت پارٽي اڪنامڪ ايڊوائزري ڪائونسل کي اهم هدايتون جاري ڪندي شهباز شريف چيو ته عوام کي ٻڌائڻ ضروري آهي ته ڪهڙي طرح معاشي حقيقتن ۾ هيرا ڦيري ڪئي پئي وڃي؟ هن چيو ته معاشي ماهر پري بجيٽ سيمينار ۾ معيشت جي حقيقت قوم کي ٻڌائيندا. ڪڻڪ جي غلط انگن اکرن سبب اڳ ئي ملڪ کي اربين رپين جو نقصان ٿيو آهي.ياد رهي ته ان کان اڳ ناڻي واري سيڪريٽري نويد ڪامران بلوچ چيو هو ته ايندڙ مالي سال جو بجيٽ جون جي ٻئي هفتي ۾ پيش ڪيو ويندو. ناڻي واري ڪاميٽي جي اجلاس کان پوءِ صحافين سان غير رسمي ڳالهيون ڪندي ناڻي واري سيڪريٽري چيو هو ته بجيٽ اسٽريٽيجي پيپر ۾ تبديليون ٿي سگهن ٿيون. بجيٽ اسٽريٽجي تي پارليامينٽ صنعتڪار ۽ واپارين کان صلاح مشورا ڪنداسين.هن چيو ته ڪورونا لاڪ ڊائون سبب معاشي حڪمت عملي متاثر ٿي آهي. ڪورونا سبب معيشت مختلف رخ اختيار ڪيو آهي. ٻئي طرف هڪ انٽرويو ۾ شهباز شريف چيو ته چاهي نواز شريف کي پيرين پوڻو پئجي وڃي پر کائنس مڃرائيندس ته مک مسئلن تي ملڪ ۾ قومي مفاهمت ڪئي وڃي، ماضي کي وساري ڇڏيو، سمورن بنيادي مسئلن جو حل پارليامينٽ ۾ ئي ڳولهڻ گهرجي. مون کي اميد آهي ته نواز شريف مڃي ويندو. گارنٽي ٿو ڏيان ته نواز شريف اڳواڻ آهي هو ملڪ جي ترقي لاءِ بهتر ڪم ڪندو. ادارا پنهنجي حدن ۾ ڪم ڪن، عدليا آزاد هجي، نواز شريف سان لنڊن وڃي ڳالهائيندس، قومي معاملن تي ڪا سوديبازي نه ڪئي ويندي هو به اهو ئي چاهيندو پر شرط اهو آهي ڪم ڪرڻ جا هڪ جيترا موقعا فراهم ڪيا وڃن. هن چيوته ڪا پارٽي اڪيلي سر ڪنهن کي اقتدار مان نه ٿي ڪڍي سگهي، ماضي ۾ 9 تارا ۽ ايم آر ڊي اتحاد ٺهندا ۽ ڊهندا رهيا. جيل ۾ پارٽي جي سينئر اڳواڻن کي صلاحون ڏيندو هيس. نه ئي ملڪ کي مسئلن جي ڌٻڻ مان ڪو هڪ ادارو ڪڍي سگهي ٿو. اسان کي بجيٽ، ڪورونا، ڪشمير ۽ سي پيڪ بابت پاليسي ٺاهڻي پوندي، بدقسمتي سان سي پيڪ رولڙي جو شڪار ٿي ويو آهي، افسوس ٿيندو آهي ته بنگلاديش ۽ افغانستان جي معيشت پاڪستان کان مضبوط ٿي وئي آهي هن چيو ته حڪومت پارليامينٽ کي تالو لڳايو آهي، آرڊيننس وسيلي آئين ۾ ترميم ڪئي پئي وڃي، ملڪ ائين اڳتي نه هلي سگهندو. هن چيو ته رياست مدينا جو نالو احتياط سان وٺڻ گهرجي. هي حڪمران رياست مدينا جو نالو کڻن ٿا ته مون کي ڊپ ٿيندو آهي. هن چيو ته مستقبل مريم نواز جو آهي، حمزه شهباز آهي، پ پ، جماعت اسلامي سمورين پارٽين کي عوام ۾ وڃڻ ۽ بهترين ماڻهو لاهڻ جو حق آهي، کيس نواز شريف گروم ڪندو ۽ آئون به پنهنجي تجربي کان آگاهه ڪندس. هن چيو ته ملڪ کي مفاهمت جي ضرورت آهي، آئون وچ جو رستو ڪڍڻ جو خواهشمند آهيان. قانون جي حڪمراني شفاف چونڊون، آزاد عدليا، ادران جو حدن ۾ رهي ڪم ڪن، انهن نقطن تي مفاهمت ٿئي ٿي ته ملڪ لاءِ ان کان وڌيڪ سٺي ڳالهه نه ٿي ٿي سگهي. نواز شريف به ان جي حمايت ڪندو. اهو سڀ ڪجهه پارليامينٽ اندر ئي ٿيندو، پر عمران خان جي انا ملڪ کان به وڏي آهي، هو خطن ۾ منهنجو نالو به نه ٿو لکي کيس مون کان نفرت آهي، هن کي ڪو پير ٻڌائي ته اپوزيشن کي رڳڙو لڳايو ته هو اهو ئي ڪندو آهي ڄڻ ان سان ئي کنڊ، پيٽرول، تيل سستو ٿيندو. چونڊ سڌارن کانسواءِ ملڪ هڪ وک به نه ٿو وڌائي سگهي. هن چيو ته بدقسمتي آهي ته چوڌري نثار علي خان سان 30 سالن جو ناتو غلط رخ تي ٽٽي ويو، سياست ۾ رشتن ۾ لاها چاڙها ايندا رهندا آهن.