ملڪ ڇڏڻ نه پر هٿيارن جي ضرورت آهي، يوڪريني صدر جو آمريڪا کي جواب

0
241
ملڪ ڇڏڻ نه پر هٿيارن جي ضرورت آهي، يوڪريني صدر جو آمريڪا کي جواب
ملڪ ڇڏڻ نه پر هٿيارن جي ضرورت آهي، يوڪريني صدر جو آمريڪا کي جواب

ڪراچي (م ڊ) يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي ملڪ ڇڏڻ واري آمريڪا جي آڇ کي رد ڪري ڇڏيو آهي

آمريڪي ميڊيا هڪ انٽيليجنس اهلڪار جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته آمريڪي حڪومت صدر ولاديمير زيلنسڪي کي ڪيف ڇڏڻ ۾ مدد ڏيڻ جي آڇ ڪئي هئي

ميڊيا رپورٽن موجب يوڪرين جي صدر آمريڪي آڇ جو جواب ڏيندي چيو ته کيس ڪيف کان اڏام نه پر اينٽي ٽينڪ هٿيارن جي ضرورت آهي

ان کان اڳ يوڪرين جي صدر جي فوجي ۽ سياسي قيادت سان گڏ  هڪ وڊيو منظر عام تي آئي هئي جنهن ۾ چيو ويو هو ته هو يوڪرين ۾ آهي ۽ آخري دم تائين آزادي جو دفاع ڪندو

 

ھي به پڙھندا

مانجھند: اکين جي اسپتال بي لاڀ بڻيل، عمارت جانورن ۽ موالين حوالي