ملڪ جي ٽن وڏن شهرن ۾ اومي ڪرون ڪيسز ۾ تيزيءَ سان اضافو

0
298
پاڪستان ۾ اومي ڪرون

ڪراچي(م ڊ) پاڪستان جي ٽن وڏن شهرن اسلام آباد، ڪراچي ۽ لاهور ۾ ڏکڻ آفريڪي قسم جي ڪورونا اومي ڪرون جا ڪيس وڌي رهيا آهن, اين سي او سي موجب ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد ۾ ڏکڻ آفريڪي قسم جي ڪيسز ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي

سرڪاري انگن اکرن موجب اسلام آباد ۾ هن وقت تائين اومي ڪرون جا 64 ڪيسن جي تصديق ٿي چڪي آهي جڏهن ته پنجاب ۾ اومي ڪرون جي 50 مان 49 ڪيسن جو تعلق لاهور سان آهي

ڪراچي جي علائقي گلشن اقبال بلاڪ 7 ۾ اومي ڪرون جا 11 ڪيس سامهون اچڻ کانپوءِ 14 جنوري تائين مائيڪرو اسمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو آهي

ھي به پڙھندا

ملڪ ۾ ھڪ ڏينهن ۾ ڪورونا وائرس ۾ مبتلا 8 مريض اجل جو شڪار