ملالا يوسف زئي غزھھ جي ٻارڙن جي امداد جي لاءِ ڏيڍ لک ڊالر عطيو ڪري ڇڏيو

0
398

نوبل انعام يافتھ پاڪستاني شاگردياڻي ملالا يوسف زئي اسرائيلي جارحيت سبب متاثر غزھ جي ٻارڙن لاءِ ڏيڍ لک ڊالر عطيو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي. ملالا يوسف زئي طرفان ھي پئسا غزھ ۽ فلسطين جي ٻين علائقن ۾ ڪم ڪرڻ واري اين جي اوز کي ڏني ويندي جيڪا غزھ ۾ ٻارڙن جي فلاح جي لاءِ استعمال ٿيندي. ھن پئسن سان غزھ ۾ ٿيندڙ اسرائيلي بمباري سبب تباھھ ٿيل اسڪولن جي تعمير، کاڌي پيتي جي گھٽتائي جو شڪار ٻارڙن لاءِ امداد ۽ صاف پاڻي سميت ٻين منصوبن تي خرچ ٿيندي. ھڪ ٽوئيٽ ۾ ملالا جو چوڻ ھو تھ فلسطيني ٻارڙا بھ امن سان رھڻ ۽ پنھنجي گھرن ۾ محفوظ محسوس ڪرڻ سميت تعليم پرائڻ سميت پنھنجي خوابن جي تعبير جا مستحق آھن. ملالا يوسف زئي جو چوڻ آھي تھ مونکي فلسطيني ٻارڙن سان گڏ بيھڻ ۽ انھن جو ساٿ ڏيڻ تي فخر آھي. خيال رھي تھ غزھ تي ٿيندڙ اسرائيلي جارحيت جي نتيجي ۾ اتي 66 ٻارڙا شھيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا آھن جڏھن تھ 50 کان وڌيڪ اسڪول بھ تباھھ ٿيا آھن.