مقصودو رند اليون ۽ ٻاجھي اليون ميچز کٽي ورتيون

0
219

مقصودو رند(رپورٽ: بهادر رند) مقصودو رند ۾ جشن آزادي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي وڌيڪ ٻن ڪواٽر فائنل ميچز جو فيصلو ٿي ويو. مقصودو رند اليون ۽ ٻاجھي رند اليون سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.پھريون مقابلو بخش علي رند اليون ۽ مقصودو رند رند اليون وچ ۾ ٿيو جنھن ۾ بخش علي رند اليون 177رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو، جواب ۾ مقصودو رند اليون جي ٽيم زاهد حسين رند جي 60 ۽ عمران علي سروري 50رنسن جي مدد سان 177 رنسن جو ٽارگيٽ حاصل ڪري سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو. ٻئي ڪوارٽر فائنل ۾ مٺو رند اليون مقرر اوورن ۾ ٻاجھي رند اليون کي 141 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو. جواب ۾ ٻاجھي رند اليون الطاف حسين رند جي 45 رنسن جي مدد سان ٽارگيٽ حاصل ڪري ورتو ۽ سيمي فائنل ۾ جاءِ ٺاھي ورتي. بهترين راند ڪندڙ رانديگرن زاهد حسين رند، الطاف حسين رند کي راحب علي رند، ناظم حسين رند، سالم شير رند، الطاف حسين رند ۽ ٻين مين آف دي مئچ جو ايوارڊ ڏنو.