مسوڀرڳڙي (ن پ ا) مسوڀرڳڙي ۾ عام واهپي جي شين جا اگهه چوٽ چڙهي ويا، شهر ۾ ٽماٽو 200 رپيا ڪلو، بصر 200، بٽاٽا 100 ڪلو وڪرو ٿي رهيا آهن، جڏھن ته ڪڻڪ جو اسپيشل اٽو 125 کان 130رپيا ڪلو، دال 320، گيهه 450، کنڊ 150 رپيا ڪلو وڪرو ٿي رهي آهي،علائقي واسين عارف جوکيو،امجد رند،محب لغاري ۽ ٻين جو چوڻ هو ته شهر ۾ منافعي خور واپارين عام واهپي جي شين جا اگهه وڌائي ڇڏيا آهن، شڪايتن باوجود انتظاميا دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي. نوٽيس وٺي مهانگائي ختم ڪري رليف فراهم ڪيو وڃي.