محمد اسماعيل عرساڻي جو فن ۽ خدمتون

0
239
اتحادين جي اتحاد جي رڌڻي ۾ رولو رڳو هاڻي ناهي پيو ۽ نه وري پ پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ان بيان تي اتحادين ڪو جھٽڪو محسوس ڪيو آهي، جيڪو هن تقرير ڪندي چيو ته، “اتحادي اليڪشن کان ڀڄي رهيا آهن .... پر پ پ پ نوي ڏينهن جي اندر اليڪشن ڪرائڻ لاءِ نه رڳو مطالبو ٿي ڪري پر ڀرپور دٻاءُ به وجھندي” وغيره وغيره. ان بيان اچڻ کان پوءِ اتحادين ۾ نه رڳو بحث پيو ٿي پر ‘ن’ ليگ وارا وضاحتون ڪندي پ پ پ جي يوٽرن پاليسي تي تنقيد به ڪن پيا ته، “اها پ پ پ ئي هئي، جنهن سي سي آءِ اجلاس کان پهرين پراڻن تڪبندين تي اليڪشن جي لاءِ چيو هو ۽ نئين آدمشماري تي اختلاف رکندي سي سي آءِ ۾ متفق نه ٿيڻ جو اعلان ڪيو هو پر پوءِ سي سي آءِ جي اجلاس ۾ سڀ کان پهرين پ پ پ نئين آدمشماري کي قبول ڪيو ۽ ان تحت اليڪشن جي گھُر ڪئي، هاڻي وري نوي ڏينهن جي بيان کان پوءِ پ پ پ پنهنجي پراڻي پاليسي کان هٽي ۽ نئين تنقيد ڪندي هڪ الڳ سياسي جواز پيدا پئي ڪري، جنهن جواز ۾ هو پنهنجو الڳ ڪو لائحهء عمل جوڙڻ ٿي چاهي يا ڪجھ ٻيو ڪرڻ ٿي چاهي پر اتحادي حڪومت ۾ رهڻ کان وٺي جيڪي به فيصلا ٿيا، انهن سڀني فيصلن ۾ پ پ پ سڀني کان اڳ ڀري هئي”. بلاول جي اهڙي انداز بيان کان پوءِ ايم ڪيو ايم به جواب ڏيندي روايتي شڪايتون ۽ طعنا تنڪا ڏنا آهن. لڳي ٿو ته مولانا فضل الرحمان انهيءَ جو جواب پنهنجي دلڪش مسڪراهٽ سان ڏئي وڌيڪ بحث ۾ وڃڻ نه چاهيندو پر فضل الرحمان بار بار اهو چيو آهي ته اتحادين جا جيڪي به سياسي ۽ حڪومتي فيصلا هئا، انهن ۾ پ پ پ نه رڳو شامل هئي پر هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو، تنهن ڪري پاڻ ان تماشي تي وڌيڪ بيان بازين جا جملا نٿا دهرايو پر مقصد هي آهي ته جنهن قسم جو پي ڊي ايم اتحاد جوڙيو ويو هو، انهيءَ جي حاصلات ۽ انهيءَ جو منطقي انجام اهوئي ٿيڻو هو، جيڪو ٿي رهيو آهي. سياسي اتحاد اهي مضبوط ۽ طاقتور هوندا آهن، جيڪي عوامي مفادن ۽ قومي مفادن جي حاصلات جي لاءِ جڙندا آهن يا جوڙيا ويندا آهن. اتحادين جي ضرورت تڏهن پوندي آهي، جو مختلف سياسي پارٽيون جن جو نقطهء نظر ذاتي ڪرپشن اقتدار پرستي ناهي هوندو پر سياسي جدوجهد جي حاصلات، سماجي ۽ معاشي پروگرام ۾ هڪ ٻئي سان اختلاف رکنديون آهن پر هو پنهنجي جوهر ۾ عوام دوست ۽ ايماندار هجڻ ڪري فطرتي سياسي ڌارا ۾ گھڻي ڀاڱي ويجھو هجن ٿيون، تنهن ڪري وقت ۽ حالتن جي دٻاءُ يا قومي سياسي بحرانن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اهي جماعتون جڏهن ڪو اتحاد جوڙينديون آهن ته انهن کي فطري اتحاد چيو ويندو آهي ۽ اهي مضبوط اتحاد جڙندي مستقبل جو تمام ڊگھو سفر به ڪندا آهن، پر اهڙيون جماعتون جن جو مقصد اقتدار حاصل ڪرڻ، پنهنجي گروھ کي نوازڻ يا رياستي مراعتن ۽ ڪرپشن جي داغن کي ڌوئڻ جي لاءِ پنهنجي ڪمزور پوزيشن کي مضبوط بنائڻ جي حڪمت عملي جي تحت اتحاد جوڙينديون آهن ته انهن جو اتحاد صرف ان وقت تائين اڳتي پوئتي قدم ڪندي قائم ٿو رهي سگھي، جيستائين اهو بحران انهن جي خلاف ٽري وڃي يا ان اتحادي طاقت سان داغ ڌوپي وڃن، اهڙين سياسي پارٽين جي اندر نه ته ڪو نظريو هوندو آهي ۽ نه اصولي اخلاقي پابندي جو خيال رکيو ويندو آهي. بس هڪ ٻئي سان جڙندي به دوکي جو تصور هوندو آهي ۽ اڳتي هلي جڏهن جنهن جو مقصد ۽ مفاد پورو ٿيندو آهي، اهو ان اتحاد جي ڏوري مان پنهنجا پلئه آجا ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. انهيءَ کان وڌيڪ اهڙين جماعتن کي هلائڻ جي لاءِ ۽ انهن کي ڏي وٺ جي بنيادن تي اتحادن کان جدوجهد تائين جڳاڙ ۽ جوڙ ٽوڙ ڪندڙ قوتون ٻاهريون به وڏي پيماني هونديون آهن، ڇو ته انهن جا به مفاد رياستي معاملات جي اندر اهڙي انداز ۾ جڙيل هوندا آهن، جو سياسي داءُ ۽ پيچ ۾ حاصل ڪري سگھجي ٿو ۽ پوءِ هڪ سياست جي اندر عجيب گورک ڌنڌو نظر اچڻ شروع ٿيندو آهي، جن ۾ جلدي پرچڻ وري جلدي رسڻ، وري اختلاف تنقيدون ۽ پوءِ ڪنهن وقت ڪهڙي به مرحلي تي وڏا وڏا ٽهڪ ڀاڪر ۽ ياريون جڙندي به نظر اينديون آهن ته وري اهي ٽٽندي به نظر اينديون آهن. اسان کي هن ملڪ جي ورهاڱي کان اڳ جي تاريخ جو لطيفو نه پر حقيقي واقعاتي نڪ پڪائي جو بيان جيڪو لطيفو بڻجي ويو، هميشه ياد ايندو آهي، جنهن ۾ يونينسٽ پارٽي جي وزير اعليٰ پنجاب خضر حيات کي هٽائڻ جي لاءِ مسلم ليگ هڪ ووٽ تي توازني بگاڙ کي پنهنجي حق ۾ ڪرڻ کان پوءِ بي اعتمادي جي رٿ آندي. خضر حيات ان رٺل ميمبر کي پرچائي ورتو. ٻئي طرف مسلم ليگ فتح جو جشن ملهائڻ جي لاءِ جلسو ڪيو هو. تمام وڏي تنقيد ۽ نعرا خضر حيات تي لڳا. اسٽيج سيڪريٽري جي ڪن ۾ ڪنهن اچي چيو ته، “خضر حيات رٺل کي پرچائي ورتو آهي، تنهن ڪري ان جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ نٿي آڻي سگھجي.....” اسٽيج سيڪٽريري پڪ ڪرڻ کان پوءِ ان ئي جذباتي انداز ۾ چيو، “پيڻو تي پرائو! هڻي هڻي خبر آئي هي، ڪه خضر ساڍا ڀائي هي”. اهو دور گذري ويو پر اقتدار پرست ٽولن جي نفسيات اتحاد، رساما، چالاڪيون ۽ چالون ان ئي انداز سان هاڻي به ٿي رهيون آهن، ڇو ته اقتدار پرستي جي جبلت جيڪا ڪلھ هئي، اها هاڻي به آهي. فرق رڳو ٿوري انداز ۽ اسٽائل ۾ تبديلي جو آهي. هي اقتدار پرستن جا اتحاد پنهنجي ماضي جي تاريخ ۾ ڪيئن رهيا آهن ۽ ڪيئن رهندي سفر گذاريو اٿن ۽ ڪيئن وري نوان نوان رشتا جوڙيا اٿن، اهي تسلسل سان قائم ۽ دائم آهن. پاڻ کي معاملو اهوئي ٿو نظر اچي ته هن حاصلات تي سياسي ڄُنڊاپٽ ۾ وڏو معرڪو وري پي ٽي آءِ سان ٿيڻ جي بجاءِ جوڙ ٽوڙ جا پتا ۽ گيم پ پ پ ۽ ‘ن’ ليگ جي وچ ۾ ٿيندي ۽ ان گيم جي گرائونڊ ٺاهڻ جي لاءِ هاڻي کان پ پ پ پنهنجي حڪمتِ عملي ۽ مستقبل جي ڊائريڪشن طئي ڪندي. سندس پهرين حڪمتِ عملي اها آهي ته ‘ن’ ليگ کان وٿي پيدا ڪرڻ جي لاءِ ماحول ٺاهجي ۽ اهڙي قلابازي ڏجي، جنهن ۾ ‘ن’ ليگ وضاحتون ڪندي رهي، ٻئي طرف پاڻ هي به ڏسون پيا ته سنڌ کان سواءِ پ پ پ جي پوزيشن نه هجڻ جي برابر آهي، تنهن ڪري هنن کي اها ڄاڻ هجڻ جي باوجود اڇلايل پتا ٻڌائين ٿا ته اقتدار جوڙ ٽوڙ جي وري نئين گيم جوڙڻ جي وڏي حڪمتِ عملي اهائي نظر پئي اچي ته ٿيندڙ امڪاني اليڪشن ۾ مستقبل جي اتحاد جي حڪمت عملي پ پ پ جي اهائي هوندي ته هو پي ٽي آءِ سان اختلافن جي وڇوٽي رکڻ کان پوءِ “قومي مفادن جي لاءِ ۽ جمهوريت جي بقا ۽ استحڪام لاءِ” پي ٽي آءِ جي طرف وڌي ۽ هو وڌندا، ڇو ته پ پ پ سمجھي ٿي ته مستقبل جو وڏو سياسي معرڪو پنجاب ۾ ٿيندو. پنجاب هنن جو سياسي ڳڙهه ته نٿو بڻجي سگھجي پر پنجاب جي سياسي بحران جو فائدو وٺندي هڪ اهڙي چال هلڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي جو اقتدار به ملي ۽ ان جي لاءِ راھه هموار به ٿئي، انهيءَ امڪان کي ڪنهن به صورت ۾ رد نٿو ڪري سگھجي ۽ ڪجھ ڏينهن کان پوءِ ‘ن’ ليگ جي طرفان اهڙيون بيان بازيون اچڻ شروع ٿينديون، جنهن سان وڌيڪ وڇوٽيون وڌنديون ۽ ٻنهي قلابازين جو مقصد نه اصول پرستي آهي ۽ نه عوام پر اقتدار جي مفاد پرستي ۽ جوڙ ٽوڙ جي حڪمتِ عملي ئي جوڙڻ آهي. يقينن غير سياسي طاقتون، جن کي اهو تماشو نظر ٿو اچي، اهي پنهنجا هٿ ڍرا رکي “هوءَ گوءِ هو ميدان” جيان سڀني کي ڊوڙائيندا ۽ پوءِ ويهي فيصلو ڪندا ته پنهنجي طاقت جو توازن ڪنهن جي پلڙي ۾ وجھجي ۽ ڪير وڌيڪ فرمانبرداري جا فرض نڀائيندو پر اسان کي هي به ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته چالاڪيون، چال بازيون بي تُڪا ۽ من گھڙت الزام جمهوريت کي ته ڪمزور ڪندا ئي آهن پر انهيءَ کان وڌيڪ خود گيمبلر ڪمزور ٿي ويندا آهن. ايندڙ وقت پاڪستان جي تاريخ جو وڌيڪ سياسي بحرانن جو وقت هوندو، جنهن ۾ الزام تراشيون نه پر سنجيدگي ۽ بردباري ئي ڪم ايندي. جي ائين نه ٿيو ته هي نام نهاد جمهوريت جو اونداهو دور اڃان وڌيڪ طويل ٿيندو ۽ هن ملڪ جي مستقبل جو خوفناڪ ۽ ڏڪائيندڙ سوال اڀاريندو.

 محمد اسماعيل عرساڻي مضمون نويس، ناٽڪ نويس، محقق ۽ تعليمي ماهر محمد اسماعيل عرساڻيءَ جو جنم 17 سيپٽمبر 1906ع تي محمد هاشم ميمڻ جي گهر ۾ هالا نوان ۾ ٿيو، محمد اسماعيل عرساڻيءَ جو نالو سنڌي ادب ۾ خاص طور مضمون نگار، ناٽڪ نويس، محقق ۽ تعليمي ماهر طور سڃاتو وڃي ٿو، هن بمبئي يونيورسٽي مان بي اي ڪئي، پاڻ ذهين شاگرد هو، کيس فارسي ٻوليءَ سان وڏي دلچسپي هئي ۽ انهيءَ تي دسترس حاصل هيس، سنڌي ۽ انگريزيءَ جو ڄاڻو هو، هن تعليم جي ميدان ۾ ڪاميابيون ماڻيون، ڊپٽي انسپيڪٽر ۽ اسسٽنٽ انسپيڪٽر جي عهدي تي ڪم ڪيائين، 1966ع ۾ رٽائرڊ ٿيو، عرساڻي صاحب هڪ تعليمي ماهر هئڻ سان گڏ هڪ سٺو شاعر ۽ نثر نويس هو، شاعري ۾ تخلص “فدا” استعمال ڪندو هو، سندس ڪلام پهريائين ڊي جي ڪاليج جي مخزن ڦليلي ۾ ڇپيو، ان کان پوءِ پاڻ مختلف مشاعرن ۾ وڏن شاعرن سان گڏ ڪلام پيش ڪندو آيو، سندس شعري مجموعو، “ڪليات فدا” جي نالي سان ڇپيل آهي، ڪلام جو نمونو هن ريت آهي:

مون کي عالم ۾ اچي هاءِ نه آرام مليو،

نام بدنام مليو، مايئه الزام مليو،

جو ڦٽائي مون ننڊ ڪئي سدا خدمت غير،

ان جي برعڪس مون کي واهه جو انعام مليو.

عرساڻي صاحب نثر ۾ مختلف موضوعن تي ڪافي ڪتاب لکيا آهن، سندس لکڻيون ورهاڱي کان اڳ شروع ٿيون ۽ ورهاڱي کانپوءِ ڳچ عرصو سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ قوم جي پنهنجي تحريرن وسيلي ۽ هڪ استاد هئڻ جي حيثيت سان خدمت ڪيائين، سندن وفات نومبر 1986ع ۾ ٿي. عرساڻي صاحب جا مضمون ۽ مقالا دلچسپ، سلاست ڀريا ۽ ٻوليءَ جي حوالي سان وڻندڙ رهيا، جيڪي “توحيد” “نئين زندگي” “مهراڻ” ۽ ٻين مخزن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيا، انهن مضمونن جي ٻولي وڻندڙ پهاڪن ۽ چوڻين سان سينگاريل هئڻ ڪري مقبول ٿي ته مرڪزي خيال سماج جي سڌاري جو هو، عرساڻي صاحب جي ڪتابن جو ڳاڻيٽو ٽيهن کان مٿي چيو وڃي ٿو، جنهن ۾ پرائمري کان ڊگري ڪلاسن تائين جا نصابي ڪتاب پڻ شامل آهن، سندن ڇپيل ڪتابن ۾ چند جا عنوان هن ريت آهن:”بدنصيب ٿري”، “نقش عمل”، نياريون وٿون”، “چار مقالا”، “سيرِ ريگستان”، “سنڌي سٻاجهڙا”، “خيال خاطر”، “تنقيد”، “ڊزن ڊايلاگ”، “حسن پروين”، “سنڌ ۾ پکين ۽ جانورن جو شڪار”، “دلڪشا”، “سکر سي ئي ڏينهن”، ۽ ٻيا آهن، جن ۾ مضمونن ۽ مقالن جو ڳاڻيٽو وڌيڪ آهي. ”خيال خاطر”، مضمونن جو مجموعو گهڻو مشهور ٿيو، جنهن ۾ “جواب”، “وسڪارو”، “خواب”، “عورت”، “عبرت خانو”، “تقدير” ۽ ٻيا مضمون آهن، “نياريون وٿون”، ڪتاب پڻ ٻاراڻي ادب جي لاءِ لکيائين، جنهن ۾ ٻارڙن لاءِ هڪ سئو مختصر مضمون ڏنل آهن، جيئن “ڪک”، “مٽي”، “ڪانءُ”، “جتي”، “ڀنڀوري”، “انڊلٺ” ۽ ٻيا. “سنڌ ۾ پکين ۽ جانورن جو شڪار” ڪتاب غلام رباني آگرو سان گڏ لکيائين اٿن جو 1977ع ۾ شايع ٿيو، هن ۾ تترن، هرڻن، بريلن، مرن ۽ ڍنڍ جي پکين جي شڪار بابت مضمون آهن، ته “نقش عمل”، ڪتاب ۾ پڻ ڪيترائي اخلاقي ۽ اصلاحي ۽ معلوماتي مضمون ڏنل آهن.”چار مقالا” ڪتاب نثر جي چار صنفن ناٽڪ، ناول، مضمون ۽ افساني بابت معلومات ڏئي ٿو جنهن ۾ ڏنل معلومات انهيءَ دور تائين آهي، جڏهن ڪتاب لکيو ويو هو، هلندڙ وقت ۾ انهن موضوعن تي ڪافي تحقيقي ٿيسز ڇپجي چڪيون آهن پر بنيادي معلومات ڏيڻ سبب هن ڪتاب کي نصاب ۾ مقرر ڪيو ويو، عرساڻ صاحب جا چار ڪتاب اڄ تائين به هائر ڪلاسن جي نصاب ۾ شامل آهن، جيئن “بدنصيب ٿري”، “سکر سي ئي ڏينهن”، “چار مقالا” ۽ “نقش عمل”، “سکر سي ئي ڏينهن” سندن آتم ڪهاڻي آهي، سوانحي ادب جو اهو ڪتاب نه فقط پنهنجي دور جو عڪاس آهي پر گڏوگڏ سنڌ جي ان دور جي هڪ وچولي پڙهيل ڳڙهيل خاندان ۽ ان جي ماحول جي ڄاڻ ڏئي ٿو، هن آتم ڪهاڻيءَ جو اسلوب منفرد ۽ وڻندڙ آهي، ٻولي عام فهم آهي ته ڪيترين جڳهين تي ليکڪ موقعي مطابق بيت، پهاڪا ۽ چوڻيون به ٻوليءَ جي سونهن کي وڌائڻ لاءِ ڏنا آهن، جنهن سان ادبي رنگ ۽ زبان جي چاشني قائم رهي آهي، سنڌ مدرسة الاسلام جون يادون، علي ڳڙهه جي پڙهائيءَ جو احوال، ڊي جي سنڌ ڪاليج جي سنگتين جا ذڪر، ميرپورخاص، لاڙڪاڻو، حيدر آباد، سڪرنڊ، ٿرپارڪر جتي جتي عرساڻي صاحب رهيو ۽ تعليم کاتي ۾ نوڪري ڪيائين انهي هنڌن جون سماجي، علمي ۽ ادبي حالتون پڻ هن ڪتاب مان پسجن پيون، ڪيترين اهم شخصيتن سان سندن اٿڻ ويهڻ ٿيو، جن ۾ ڪريم ڏنو راڄپر، خانبهادر محمد صديق، عثمان علي انصاري، ڊاڪٽر دائودپوٽو ۽ ٻيا آهن، آتم ڪهاڻيءَ جي لکڻ جو سبب ڄاڻائيندي لکيو اٿن ته، “پنهنجي سوانح لکڻ جي جرئت ڪئي اٿم، سو صرف هڪ بزرگ جي تلقين جي بنا تي، اهو بزرگ اسان جو علامه آءِ آءِ قاضي مرحوم آهي، جنهن هڪ دفعي تقرير ڪندي مشورو ڏنو هو ته جيڪڏهن هر هڪ پڙهيل ماڻهو پنهنجي سوانح صداقت ۽ سچائيءَ سان لکي ته يقيناً هڪ عمدو ادبي ڪتاب جڙي پوي ۽ آئينده نسل ان مان پنهنجي راهه جوڙين، شرط فقط صداقت جو آهي. سو علامه صاحب پاڻ به پنهنجي آتم ڪهاڻي ۾ اها خوبي قائم رکي آهي”.”بدنصيب ٿري” کي عرساڻي صاحب جي تصنيفن ۾ خاص اهميت رهي آهي، هيءُ ناٽڪ پنهنجي دور ۾ ئي گهڻو مقبول ٿيو ۽ پوءِ به ان جي مقبوليت قائم رهي، هيستائين هن ڪتاب جا ويهه ڇاپا ڇپجي چڪا آهن، عرساڻي صاحب ڪافي وقت سنڌ جي خطي ٿر ۾ نوڪريءَ سانگي رهيو ۽ اهو ڪتاب پڻ ٿر جي ماحول ۽ ٻوليءَ مطابق لکيائين هن ناٽڪ لکڻ جو مقصد خاص ٿري ماڻهن جي زندگي جي مسئلن کي عام تائين ۽ حڪومت تائين پهچائڻ هو ۽ انهي ۾ ٻوليءَ جي استعمال تي گهڻو ڌيان ڌريل آهي، ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون خاص استعمال ٿيل آهن، پاڻ اهو ناٽڪ عثمان علي انصاري صاحب جي مشوري تي لکيائين جو پهريون دفعو 1939ع ۾ ميرپورخاص جي شاگردن لاءِ تعليم جي تحرڪ تحت مدرسي جي شاگردن کان اسٽيج تي پيش ڪرايو ويو ۽ مشهور ٿيو، 1941ع ۾ سنڌ مرڪزي صلاحڪار بورڊ انهيءَ ناٽڪ کي شايع ڪيو ۽ عرساڻي صاحب کي انعام سان نوازيو ويو مقصديت تحت لکيل هن ناٽڪ ۾ خاص اهو ڄاڻايو ويو ته سنڌ جو مسلمان گهڻو پوئتي پيل آهي ۽ وٽن تعليم جي ڪمي آهي، هندو ۽ پنجابي طبقي جي وياج خوريءَ سبب، اڻ پڙهيل سنڌي، مالي طور ڪمزور ۽ وياج ۾ گهيريل آهن، کين سجاڳ ڪرڻ لاءِ انهي ناٽڪ کي لکي عام ڪيو ويو، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، بدنصيب ٿري لاءِ لکيو آهي ته، “بدنصيب ٿري موضوع جي لحاظ کان معياري ناٽڪ آهي، جنهن ۾ حقيقت نگاري موجود آهي ۽ ان ۾ جذبات جو اظهار نهايت واضح ۽ متاثر ڪندڙ آهي”.

ملڪاڻي منگهارام، موجب ته، “جن به هيءُ کيل ڏٺو سي لکندڙ ۽ کيل ڪندڙ جي ساک مان ڍاوا ئي نٿي. سڌاري جي مراد سان لکيل هوندي به منجهس ٽپ ٽپ تي ٽهڪ ڀريل هو، عبارت ۽ رٿا جي لحاظ کان

شاهوڪار هو”.

ناٽڪ جي ٻوليءَ جو مثال هن ريت آهي:

“خبرون مڙيئي کير، ويٺڙا الله الله ڪريون، ڏوڪري ويچاري بنهه مري ٿي، وڃي سنيهو ڏي ته، چنيسر کي چوئي ته تو جو نڪو اسان کي مليو پئسو، نڪو پنجر”. مطلب ته هي ناٽڪ ٻولي ۽ موضوع جي حوالي سان ڪامياب رهيو، اسماعيل صاحب جي ڪتابن ۾ لاڙي لهجو ۽ شسته ٻولي استعمال ٿيل آهي، محمد اسماعيل عرساڻي جو فن ۽ خدمتون هميشه قائم رهنديون.