متحده سنڌ ڪابينا ۾ وزارتون ۽ ڪراچي جي ميئر شپ گهري ورتي

0
226
متحده سنڌ ڪابينا

وڏي وزير سان ملاقات دوران متحده سنڌ ڪابينا ۾ وزارتون ۽ ڪراچي جي ميئر شپ گهري ورتي، ترقياتي اسڪيمز ۽ نوڪرين ۾ ڪوٽا سوڌو ٻين مطالبن تي ٻڌل فهرست وڏي وزير حوالي ڪئي وئي آهي

وڏي وزير مراد علي شاهه سان ملاقات دوران متحده وفد ۾ خواجه اظهار، ڪنور نويد جميل ۽ فيصل سبزواري سوڌو 8 اڳواڻ شامل هئا

وڏي وزير مراد علي شاهه بلاول هائوس پهچي پ پ قيادت کي متحده جي مطالبن کان آگاهه ڪري ڇڏيو

ملاقات بعد متحده اڳواڻ ڪنور نويد جميل چيو آهي ته وڏي وزير سان معاهدي تي اڳڀرائي بابت ڳالهيون ٿيون، اسان جي پهرين ترجيح بلدياتي قانون جو بل آهي، متحده ۽ پ پ ۾ اڄ ٻيهر ملاقات رٿيل آهن