مبين ڏاهري کان سائبر ڌاڙيلن تائين

0
697

70 جي ڏهاڪي ۾ سنڌي ڌاڙيلن جا به ڪي “ اصول”هوندا هئا. هو رات جو دير سان
لڪي شاھه صدر ڀرسان ڀڳو ٺوڙهو جي جبلن جي آڙ ۾ دنالي بندوق کڻي وڻ وڍي انڊس هاءِ وي بلاڪ ڪري ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ کي روڪي مسافرن کان ڦرون ڪندا هئا يا کين اغوا ڪندا هئا.پر جي ڪو ٻارن ٻچن سان هوندو هو ته ان کي ڇڏي ڏيندا هئا يا جي ڪو سيد سڳورو هوندو هو ته ان کي هٿ نه لائيندا هئا. ايئن هڪ ڀيري ڪراچي کان قمبر ڪار تي ايندي منهنجي والد صاحب کي ڌاڙيلن لڪي جي جبلن وٽان اسپيڊ گهٽ هئڻ سبب روڊ جي ورن وڪڙن جي آڙ ۾ روڪيو ۽ نالي پڇڻ تي ڦڙتي سان هن پنهنجو نالو سيد غلام حيدر شاھه ٻڌايو جنهن تي ڌاڙيلن جيڪي مبين ڏاهري ۽ سندس ٽولي جا ماڻهو هئا نه فقط کانئس معافي وٺي ڇڏي ڏنو پر کيس گولڊ ليف جي سگريٽن جا پاڪيٽ، اجرڪ ۽ ڪجھه رقم ڏن طور به ڏنائون. بعد۾ افغان جنگ سبب ملڪ ۾ روسي ڪلاشنڪوف، هيروئن ۽ ڪاري ناڻي اچڻ سبب ڌاڙيلن جا “اصول” به بدلجي ويا ۽ اهو هڪ منظم ڪاروبار بنجي ويو جنهن جا ڪيئي سياسي ۽ مالي مقصد هئا ۽ پنهنجن “بي اصول” نگرانن جي ايجندا تحت ان سنڌي وچئين طبقي کي ڪاپاري ڌڪ هنيو.
هاڻي دنيا ۾ نوان ڌاڙيل متعارف ٿي رهيا آهن جن کي سائبر ڌاڙيل چيو پيو وڃي. جيڪي شهري پڙهيل ڳڙهيل سوٽيل بوٽيل ڪمپيوٽر جا ماهر نوجوان آهن.انهن ڌاڙيلن جي سرگرمين جو دائرو تمام گهڻو وسيع آهي جيڪو پنهنجي پسند جي مووي کي بنا ٽڪيٽ چوري ڏسڻ يا ٻئي جي ڪريڊٽ ڪارڊ تي مفت ۾ ماني کائڻ کان وٺي ڪنهن ملڪ جي اقتصاديات کي تباھه ڪرڻ يا دهشتگردي ڦهلائڻ تائين شامل آهي. اهي ڌاڙيل ماڻهن جي انٽرنيٽ تي موجود معلومات، دوستين جو تفصيل، فوٽو ۽ پاس ورڊ چورائي انهن کي وائکو ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي نه فقط متاثرن کي بليڪ ميل ڪري ڀنگ وصول ڪن ٿا پر بنا اجازت غيرقانوني طور سندن بينڪ اڪائونٽ ۽ موبائل فون ۾ آن لائين داخل ٿي ان مان رقمون ۽ ضروري معلومات چوري ڪري وڃن ٿا.ٽي سال پهريائين اهي ڌاڙيل هڪ رات وچ۾ 12 پاڪستاني بينڪن جي 8 هزار بينڪ اڪائونٽن ۾ غيرقانوني طور داخل ٿي ڪروڙين رپيا آن لائين چوري ڪري ويا هئا. اهي سائبر ڌاڙيل فرد توڙي ادارا ڪنهن مخالف رياست يا ان جي ڪنهن ايجنسي پاران سرڪاري ويب سائيٽن کي بلاڪ ڪري پنهنجي مطلب جا سياسي نعرا چنبڙائي سندن خلاف پروپئيگنڊا پڻ ڪن ٿا. انهن سائبر ڌاڙيلن پاڪستان ۾ پرڏيهي کاتي، دفاع، پي ڊي ايم اي، پيپرا، ڪرڪيٽ بورڊ، بهاءَالدين ذڪريا يونيورسٽي، ڪي پي جي راندين، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ سنڌ ٻيلي کاتي جي ويب سائيٽن تي حملا ڪري ان کي بند ڪري ڇڏيو.
سنڌ جي تعليم کاتي جي ويب سائيٽ کي هيڪ ڪري هنن ڪورونا جي دور ۾ اهو پيغام هڻي ڇڏيو ته “خبردار!ٻارن جون زندگيون قيمتي آهن. اسڪول کولي انهن کي مارڻ بند ڪريو.”. اهڙي طرح ريڊيو پاڪستان جي ويب سائيٽ کي بند ڪري دشمن ملڪ جو جهنڊو هڻي هيڪرن پيغام هڻي ڇڏيو ته “هيلو ائڊمنسٽريٽر. تنهنجي سيڪيورٽي کي سلام. هاڻي ته خبر پئي ته تون ڪيڏو سيڪيوئر آهين. پاڪستان زنده باد .” ايئن ڊان نيوز ٽي وي چينل کي غير معمولي طور هيڪ ڪري دشمن ملڪ جي هيڪرن نشريات هلندي پنهنجي ملڪ جو جهنڊو ٽي وي اسڪرين تي ڦڙڪائي ڇڏيو. فيس بوڪ جي 55 ڪروڙ ميمبرن جي معلومات چوري ڪري غلط نموني ڪتب آندي وئي ۽ جڏهن فيسبوڪ جي سربراھه تي زور ڀريو ويو ته گهٽ ۾ گهٽ مالڪن کي ته خبر ڏيو ته جيئن هو محتاط رهن ته هن انڪشاف ڪيو ته کين به اها خبر ناهي ته ڪهڙن ميمبرن جي معلومات چوري ڪئي وئي آهي. آميريڪي تيل ڪمپني ڪالونيل پائيپ لائين جنهن جي ٽئڪساس کان نيويارڪ 9 هزار ڪلوميٽر آميريڪا جي سڀ کان ڊگهي تيل جي پائيپ لائين آهي تنهنجي معلومات چوري ڪري سائبر ڌاڙيل هن سال مئي مهيني ۾ ان جي سسٽم ۾ داخل ٿي پائيپ لائين جو آپريشن معطل ڪري ڇڏيو ۽ سائبر ڌاڙيلن ان آپريشن جي بحالي لاءِ 43 لک ڊالر ڀنگ جو مطالبو ڪيو جيڪو ڪمپني ڊجيٽل ڪرنسي جي صورت ۾ سائبر ڌاڙيلن کي ادا ڪري ڇڏيو ۽ سندن پائيپ لائين جي بحالي سان تيل جي سپلاءِ بحال ٿي ۽ بعد ۾ سندن شڪايت تي ايف بي آئي ان جي کوج لڳائي 23 لک ڊالر سائبر ڌاڙيلن کان واپس آن لائين ضبط ڪري ڪمپني کي موٽائي ڏنا. يورپ جي ڪجھه ملڪن جي بينڪن ۾ سائبر ڌاڙيلن اي ٽي ايم جي سسٽم ۾ آن لائين داخل ٿي رقمون ٻاهر ڪڍيون يا پنهنجن اڪائونٽن ۾ منتقل ڪيون. اهڙي طرح اي ٽي ايم مشينن کي انهن سائبر ڌاڙيلن 3 لک ڊالرن جو ڌاڙو هڻي خالي ڪري ڇڏيو.بعد ۾ سائبر پوليس پولينڊ جي گادي واري شهر وارسا مان ٻن سائبر ڌاڙيلن کي گرفتار ڪيو. اهڙا حملا دنيا ۾ ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن ۽ اندازو آهي ته گذريل سال جي مقابلي ۾ هلندڙ سال اهي حملا چئوڻ تي پهچندا ۽ دشمن ملڪن وچ۾ جنگ جو هي نئون محاذ کلي چڪوآهي جنهن لاءِ هو سائبرسپاهي ڀرتي ڪري رهيا آهن. تازو اسرائيل جي تيار ڪيل جاسوسي سافٽ ويئر پيگاسس بابت خبرون عالمي ميڊيا جي زينت بڻيون آهن جن۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ان وسيلي ڪنهن جي عام اسمارٽ يا ائپل اسمارٽ موبائيل فون ۾ داخل ٿي نه فقط SMS, واٽس ائپ، ايميل، فوٽو، وڊيو، GPS ڊيٽا، فون ڪال رڪارڊ، ڪئلينڊر ۽ ڪانٽيڪٽ بوڪ ۽ ٻي معلومات چوري ڪري سگهجي ٿي پر ان تي ڪنٽرول ڪري ڪئميرا ۽ مائيڪ کي پري کان ئي پنهنجي مرضي موجب هلائي توڙي بند ڪري سگهجي ٿو.ان رپورٽ ۾ اهو به انڪشاف ڪيو ويو آهي ته پاڪستاني وزيراعظم عمران خان جي موبائل فون ۾ به ان وسيلي دشمن داخل ٿي چڪا هئا جيڪي سندس سموري گفتگو ۽ چرپر کي مانيٽر ڪندا هئا.
دنيا ۾ ڏينهون ڏينهن سماجي، سياسي. سرڪاري، معاشي، معلوماتي، تعليمي ۽ ٻيون سرگرميون انٽرنيٽ تي منتقل ٿينديون پيون وڃن جنهن کي IoT ”انٽرنيٽ آف ٿنگس” يا “شين جي انٽرنيٽ” چيو پيو وڃي. ڪورونا سبب اهو رواج اڃان به وڌي ويو آهي.پاڪستان ۾ ڏهه ڪروڙن کان وڌيڪ ماڻهو انٽرنيٽ ڪتب آڻي رهيا آهن.انهن سرگرمين کي فورا انٽرنيٽ وسيلي آن لائين ڪيو پيو وڃي. جيتوڻيڪ اها سهوليت سستي ۽ فوري مهيا ڪئي پئي وڃي جنهن سان شين ۽ خدمتن جي مالڪن ۽ خريدارن پاران سڄي دنيا ۾ لاڳاپو ممڪن ٿي پيو آهي ۽ گراهن کي دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ مان پنهنجي پسند جي شيءَ مقرر رقم ادا ڪرڻ سان مهيا ٿي رهي آهي جنهن جي ادائگي به ڪريڊٽ، ڊيبٽ يا سڌو بينڪ اڪائونٽ مان ڪئي وڃي ٿي. ان سان مارڪيٽ، بينڪ ۽ بازار جي روايتي تصور ۾ بنيادي تبديلي اچي چڪي آهي. هاڻي ماڻهو يوٽليٽي بلن کي جمع ڪرائڻ يا روڪ رقم ڪڍائڻ بينڪ وڃڻ ۽ ڊگهين قطارن ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ انتظار بجاءِ سڌو انٽرنيٽ وسيلي پئسا جمع ڪرائي يا ٻين اڪائونٽن ۾ منتقل ڪري رهيا آهن. ان ڪري بينڪ برانچون گهٽجي رهيون آهن ۽ بينڪن ۾ رش به گهٽجي رهي آهي. اسٽيٽ بينڪ موجب گذريل سال جي آخري ٽماهي ۾ اليڪٽرانڪ بينڪنگ 22 سيڪڙو واڌاري سان 214 کرب رپين تي پهچي چڪي هئي. پر انهن سهوليتن باوجود ان جي حفاظت اڄڪلھه هڪ وڏو ملڪي ۽ عالمي مسئلو بنجي ويو آهي. پاڪستان ۾ گذريل سال ٽن هزارن کان وڌيڪ سائبر ڏوهن جون شڪايتون وصول ٿيون هيون. ڪورونا دوران لاڪ ڊائون سبب انٽرنيٽ جي 35 سيڪڙو وڌيڪ استعمال سبب انهن ڏوهن ۾ خاص طور عورتن خلاف وڌيڪ اضافو ٿيو آهي. شڪايتن ڪندڙن ۾ 70 سيڪڙو کان وڌيڪ عورتون آهن جن جي شڪايت جي نوعيت ۾ ڪنهنجي نالي ڪوڙو پروفائيل يا اڪائونٽ ٺاهڻ، آن لائين ڌمڪيون ڏيڻ، خوف ڦهلائڻ، معلومات چوري ڪرڻ ۽ بليڪ ميلنگ ڪرڻ شامل آهي. انهن شڪايتن جي اڪثريت سوشل ميڊيا جي پليٽ فارمن فيسبوڪ، ٽئٽر ۽ واٽس ائپ متعلق آهن.
پر ٻئي طرف آن لائين سرگرمين جا ڪيئي عوامي فائدا به آهن. فيسبوڪ هر ميمبر کي هڪ ڪيميرا ۽ قلم هٿ ۾ ڏئي ڇڏيو آهي جنهن جي مفت ۾پهچ سڄي دنيا تائين ڦهليل آهي. نوان سينسر، سيٽلائيٽ ڪيمرائون اسانجي ڌرتي ماءُ ۽ ان جي باشندن تي ايئن نظر وجهيو ويٺيون آهن جنهن جو اڳي ڪو مثال نٿو ملي. ماهر ان مان ملندڙ انگن اکرن جو تجزيو ڪري ڳجهارتن کي تيزي سان پروڙي رهيا آهن. انهن ئي سيٽلائيٽ تصويرن مان رياستن هٿان نسل ڪشي توڙي ٻارن ۽ عورتن جي سرحد پار اسمگلنگ جو به پتو پوي ٿو.ڪنهن ڪنهن جو جهاز ڪيرايو ۽ ڪنهن ڪهڙي نسل جي ماڻهن کي نظريا مٽائڻ لاءِ ڪئمپن ۾ قيد ڪري رکيو آهي جي به خبر پوي ٿي. اها کليل معلومات هاڻي سرڪاري ايجنسين جي ڪنٽرول کان آزاد ٿي چڪي آهن. انڪري سچ ۽ ڪوڙ کي گهڻو وقت دٻائي نٿو سگهجي. مزي جي ڳالھه اها آهي ته اها اڳي کان نه فقط بهتر پر سستي به ٿي رهي آهي ۽ ڪن حالتن ۾ مفت ۾ به ملي رهي آهي. اندازو هڻو ته جيڪا سيٽلائيٽ تصوير ويھه سال پهريائين هزارين ڊالرن ۾ ملندي هئي سا هاڻي مفت ۾ مهيا ٿي رهي آهي.
خليج ۾ هلندڙ ڪنهن تيل جي ٽينڪر کي ڪنهن ڪڏهن ٽڪر هنيو يا ڪنهن ڊوڙندڙ ڪهڙو رستو ورتو ۽ ڪهڙي مهل ڪٿي هو جي جهٽ پل ۾ خبر پئجي سگهي ٿي.ان آزاد معلومات کي OSINT چون ٿا. ضرورت ان ڳالھه جي آهي ته سنڌ جا نوجوان وڌندڙ سائبر اسپيس ۾ ٿيندڙ سائبر ڏوهن، سائبر ڌاڙيلن ۽ سائبر پوليس بابت يونيورسٽين مان آن لائين ڪورس ڪن. سنڌ جون يونيورسٽيون سائبر ڪرائيم بابت ڪورس شروع ڪن ڇو ته مستقبل ۾ ان جي ضرورت آن لائين سرگرمين وڌڻ سبب وڌندي ويندي.