مان خيرت سان آهيان، اٽيڪ ۽ فوتگي بابت خبرون ڪوڙيون آهن: احمد مغل

0
436

ڪراچي (رپورٽ: صدام ڪولاچي) سنڌ جي مشهور راڳي احمد مغل سوشل ميڊيا تي پاڻ بابت هلندڙ خبرن جي سختي سان ترديد ڪئي آهي

سوشل ميڊيا تي هلندڙن افواهن کانپوءِ جڏهن ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار احمد مغل سان رابطو ڪيو ته هُن ٻڌايو ته مان خيرت سان آهيان، مونکي ڪجهه به ناهي ٿيو، اٽيڪ ۽ موت بابت سوشل ميڊيا تي هلندڙ خبرون ڪوڙيون آهن

احمد مغل ٻڌايو ته سوشل ميڊيا تي خبرون هلي رهيون آهن ته مان دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو ويس، ماڻهن کي گذارش آهي ته اهڙا افواهه پکيڙڻ کان پاسو ڪن

احمد مغل سوشل ميڊيا صارفين کي گذارش ڪئي آهي ته هُن بابت ڪابه خبر هلائڻ کان اڳ تصديق ڪئي وڃي