مارن مُونجَھه مُيَاسِ!….

0
25
مارن مُونجَھه مُيَاسِ!....

اوھان ڪابـه سنڌي اخبار کولي ڏسو، سنڌي ميڊيا سان لاڳاپيل ڪوبـه چينل جاچيو، گهڻو تڻو تباھي ۽ برباديءَ جا عڪس پسندا. اسان جا ماڻھو ٽڪي جي ذاتي انائن، ڏيتي ليتيءَ تي ڪئين انسان قتل ڪندي پنھنجو پاڻ کي مڙس ماڻھو سمجھندا آھن. اوڙي پاڙي ۾ ٿوري گهڻي ڳالھ تي ويڙھ ڪندي جھڙوڪر اسان کي آسيس ايندو آھي، پر پنھنجي قومي آجپي لاءِ ورلي ڪي قربانيون ڏيندا آھيون.

                 پاڻ ھڪ ڀڄندڙ، ڀرندڙ معاشري جا فرد آھيون. ڏاھپ، منطق، سچائي جھڙا گڻ لڳي ٿو تـ ڪنھن صحرائي طوفان جي زد ۾ اچي اڏري گم ٿي چڪا آھن يا انھن گڻن جي ڄاڻي واڻي نسل ڪشي ڪئي ويئي آھي. بقول استاد بخاري جي تـه،

ڪوڙا ماڻھو ڪڪرن وانگي چوٽ چڙھي للڪارون ڪن،

سچا ماڻھو سڀ ڪجھ سمجھي چپ سبايو ويٺا ھن.

                 ھن مناقق، مڪار، ٻچاپڙي، خود غرض، بي رحم معاشري ۾ ھر شيءِ کي بازار جو وکر بڻايو ويو آھي. سياست، مذھب، جمھوريت، قومپرستي، ترقي پسندي، نسل پرستي ۽ ادبي دنيا جا سينگاريل، سنواريل دڪان جڳ مڳ جرڪي رھيا آھن. عام انسان ھڪ نـه تـه ٻي، ٻي نـه تـه ٽين، ٽين نـه تـه ڇوٿين ڪوڙڪيءَ ۾ ضرور ڦاسندو. اردو محاوري وانگر تـه، “بڪري ڪي مان ڪب تڪ خير منائي گي”! ۽ ڦاسڻ کان پوءِ جيترو ڦٿڪندو، اوترو سوگھو ٿيندو ويندو.

مون تي ڪجھ دوست جائز اعتراض ڪندا آھن تـه منھنجي لکڻين مان مايوسي بکندي آھي، اھي سچا آھن پر کين خبر ناھي تـه منھنجي اندر ۾ اھا نراسائي پيدا ٿيڻ جا سبب ڪھڙا آھن؟ ھڪ سبب تـه مٿي بيان ڪيل خوني واقعا آھن. ڪو وقت ھو جڏھن منھنجي الھڙ جواني ھوندي ھئي تـه مون پنھنجا سڀ سپنا پنھنجي ڌرتي واسين جي قومي ۽ طبقاتي آجپي لاءِ قربان ڪري ڇڏيا ھئا. منھنجي چپن تي ھر وقت آزاديءَ جا گيت گوجندا ھئا. منھنجي من ۾ بس جيڪڏھن ڪا خواھش ھوندي ھئي تـه اھا ھئي ھر قسم جي ظلم، جبر کان آزاد معاشرو ھجي، جنھن ۾ اقتصادي خوشحالي ھجي، جتي پورھئي جو قدر ھجي، جتي ھر ڪو ڪا نـه ڪا ڪرت ڪري ۽ ھر ڪنھن کي سندس گھرج مطابق وسيلا مھيا ٿين. جتي خوشيون ھجن. ڪو ڪنھن جي آڏو ھٿ نـ ٽنگي. ڪا نياڻي ڪاري ڪري نـه ماري وڃي. معياري تعليم ھر ٻار کي سندس حق سمجھي ملڻ گهرجي. ھر ڪنھن لاءِ صحت جون سڀ سھولتون ھجن. معاشرو ھر قسم جي نفرتن کان پاڪ ھجي. پر پوءِ جڏھن شين کي ويجھي کان ڏسڻ جو موقعو مليو تـه ھانءُ ڦاٽي پيو. جيڪي انقلاب جا، تبديليءَ جا ديوتا ھئا، اھي راوڻ نڪتا. جيڪي جمھوريت جا علمبردار ھئا، جن سان ملڪ اندر جمھوريت جي حاصلات لاءِ جيل ڪاٽيا ھئم، اھي جمھوريت جا بدترين قاتل نڪتا. مذھب ۽ فرقن جي نالن ۾ ڀاءُ کي ڀاءَ سان ويڙھائي اھي مذھبي رھنما جيڪي چندي جي پيتيءَ تي گذر سفر ڪندا ھئا، اھي ارب پتي بڻجي ويا. جھاد جي نالي ۾ فساد برپا ڪيا ويا. ھارين جي حقن جا نعرا ھڻندڙ ھزارين ايڪڙ زمينن جا مالڪ بڻجي ويا. مزدورن جي تنظيمن جا اڳواڻ ڊنگ سرمائيدار، ٺيڪيدار، ڪارخانيدار ٿي نروار ٿيا. جن اسان کي جدلي ماديت، تاريخي ماديت جا سبق پڙھائي ناستڪ بڻايو ھو، اھي ٽڪي پيسي جي ملن يا ذاڪرن جي بيعت ڪري حاجي ۽ زوار ٿي ويا. ڏور ڏيھ کان آيل لوفرن منھنجي ڌرتيءَ تي ناجائز قبضو ڪري مون کي ڌاريو ڪري پيش ڪرڻ شروع ڪيو. نسل پرستن سنڌ جي شھرن تي پنھنجي بدترين دھشتگرد ڪارواين سان قبضو ڪيو. ان سموري عمل ۾ رڳو ڌاريا ئي نـه پر پنھنجا پڻ شامل ڪار ھيا. 1857ع ۾ سنڌ کي انگريزن جي قبضي ھيٺ ڏيارڻ لاءِ سيٺ نائون مل زنجبار کان چار ھزار ويڙھاڪ گھرايا ھئا ۽ ھن دؤر جا نائون مل وري نئين رنگ روپ ۾ ساڳيو ڪردار پيا ادا ڪن.  اھڙي صورتحال ۾ مايوس ۽ نراس ٿيڻ فطري عمل آھي.

ھا، مان مايوس يا نراس آھيان پر بنهه نا اميد ھرگز ناھيان. منھنجو پختو يقين آھي تـ انھن حالتن ۾ تبديلي ايندي. اھا تبديلي ڪيئن ايندي؟ اھو ھڪ منجھيل سُٽ آھي! ان کي سمجھڻ ۽ سلجھائڻ ڪو سولو ڪم بـ ناھي. سياسي، اقتصادي، مسلڪي، معاشرتي مسئلا ۽ مونجھارا سمجھڻ ۽ سمجھي ڪري انھن جو حل ڳولھڻ ڪا اڪ جي ماکي لاھڻي ناھي. ڇو تـه اوندھ جا رکوالا، انسانيت جا دشمن، اسان جي ڌرتي ۽ وسيلن تي قابض ٻاھريون ۽ سندن ساٿاري اندريون قوتون طاقتور آھن. وٽن موتمار ھٿيار آھن، جيڪي ھو بنا سبب بنا دير ڪنھن تي بـه ھلائي سگهن ٿا. سندن سڀ کان مؤثر ھٿيار سندن پروپيگنڊه مشنري آھي. چوويھ ڪلاڪ بنا وقفي جي نام نھاد قومي ميڊيا ڪروڙين ڪوڙ اسان جي اکين ۽ ڪنن ۾ اوتي پئي. انھن جو اثر زائل ڪرڻ ڪا ٻاراڻي راند ناھي. اھي اسان کي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا تـه اسان جي حق ۾ اھو بھتر آھي تـه جيئن ھو چَوَنِ، اکيون ٻوٽي ان تي اعتبار ڪريون ۽ عمل ڪريون ۽ اھو ئي ھڪ سچي پاڪستاني ۽ سچي مسلمان ھئڻ جي نشاني آھي. اھي حق گهرندڙن کي باغي چوندا آھن. سندن نظرن ۾ عورتن ۽ مردن وچ ۾ سماجي برابريءَ جي ڳالھ ڪندڙ مغربي مادر زاد آزادي وانگر بي حيائي ڦھلائڻ گهرن ٿا. سندن بقول، ‘لبرل’ مذهبي ھم آھنگي ۽ رواداريءَ جي ڳالھ ڪري ماڻھن کي حق جي راھ تان ھٽائين ٿا. جيڪو ڌرتي ڌڻين جي حقن جي ڳالھ ڪري ٿو اھو غدار آھي. مسڪينن، مجبورن، پيڙيل طبقن جو ذڪر ڪندڙ ڪميونسٽ ‘ڪافر’ ھوندا آھن. ھو پنھنجي ڳالھين کي وزن ڏيارڻ لاءِ مذھب جو ھٿيار استعمال ڪن ٿا، نام نھاد وطنيت جو پرچار وڏي پيماني تي ڪن ٿا. اوڙي پاڙي جي ملڪن جي اندروني واقعن مان ڪجھ حقي ۽ ڪجھ جڙتو ظلم ستم جا داستان بيان ڪري پنھنجي ملڪ اندر رھندڙ اقليتن لاءِ خوفناڪ ماحول تيار ڪري سندن قتل عام جو ماحول جوڙين ٿا. وٽن ملن مولوين ۽ مفتين جو فوجون ڀرتي ٿيل آھن، وقت اچڻ تي کين بس ھڪ ٻچڪار ڏيڻ جي ضرورت ھوندي آھي ۽ اوندھ جا رکوالا ٻرن مان نڪري ايندا آھن ۽ ملڪ اندر لولي لنگڙي انڌي منڊي جمھوري قافلي جو ستيا ناس ڪري ڇڏيندا آھن. ھنن وٽ لفافي صحافين جون فوجون آھن، ڪيئي قومپرست ۽ نام نھاد ترقي پسند سندن پينل تي پنھنجي ليڊري چمڪائي عوام کي پنھنجي حقيقي گسن تان هٽائڻ جو ڪم ڪندا آھن. منھنجي خيال ۾ اھڙين حالتن سان مقابلي ڪرڻ جو في الحال ھڪ ئي گس آھي تـه پاڻ آڻ نـه مڃيون، بيھي رھون ۽ شيخ اياز جو اھو گيت گونجاريون تـه،

وڃو ڪويليو وڃو

وڃي پرينءَ کي چئو

اڃا پيو جيئان.

مون تازو نيٽ فلڪس تي ھڪ فلم  (A TWELVE- YEAR NIGHT) ڏٺي ھئي. جڏهن اوهان جي اکين ۾ سمايل انقلاب اوهان جي اکين جي سامهون تهس نهس ٿي وڃي، اوهان جا پيارا گهر ڀاتي ۽ ساٿي ڊڪٽيٽرن جي رد انقلاب آپريشن ۾ گولين سان پروڻ ڪيا وڃن ۽ اوهان کي انسانيت سوز 12 سال جيل ڪاٽڻو پوي. ڪاميابيءَ جي ڪا رتي جهلڪ نظر نـه اچي، اهڙي ماحول ۾ اوهان جي امڙ اوهان کي اچي چئي تـه، “جنگ اهي هارائيندا آهن جيڪي هار مڃيندا آهن، ڪهڙيون بـه حالتون ٿين توکي شڪست ناهي قبولڻي”، ۽ اھي چند کاٻي ڌر جا ڪامريڊ ان ڳالھ تي بيھي ويندا آھن ۽ ٻارنھن سالن جي بدترين قيد، انسانيت سوز ٽارچر بعد جڏھن جيل کان ٻاھر ايندا آھن تـه پنھنجي قوم جا ھيرو ٿي اڀرندا آھن ۽ انھن مان ھڪ ڪامريڊ اڳتي ھلي ملڪ جو سربراھ بڻجندو آھي. مون کي اھا فلم ڏسي امڙ جندو، نصراللھ گڏاڻي ياد اچي ويا ويا ھئا. دلير، اڻ موٽ، سچا، پنھنجي حق جي حاصلات لاءِ ھر حد پار ڪرڻ وارا ۽ ھر قرباني لاءِ تيار رھندڙ. نصراللھ گڏاڻي جنھن ھار مڃڻ کان انڪار ڪيو ھو، بس اسان کيس سڃاڻڻ ۾ ڏاڍي دير ڪري ڇڏي ھئي. سڄي سنڌ سندس شھادت کان پوءِ کيس سڃاتو ھو. ڪاش اسان کيس زندگيءَ ۾ سڃاڻي سگهون ھا تـ جن ڀوتارن کي نصراللھ گڏاڻي “ڀوتار- مائي فوٽ” چئي للڪاريندو ھو، اھي شڪست کائي چڪا ھجن ھا. سنڌ وارن کي پنھنجن ۽ پراون پرمارن تـه ماريو آھي پر سڀ کان وڌيڪ جنھن ڳالھ اسان کي ماريو آھي، اھا آھي دوست ۽ دشمن جي سڃاڻ نـه ڪري سگهڻ. مرشد لطيف جي شاعريءَ مان ھڪ ڪمال جي سٽ آھي تـه، “مارن مُونجھ مُياس، نه ته ماڙين ماريس ڪينڪي…” بس اھا مُونجھ ختم ڪرڻي آھي. وقت ناھي ويو. اسان سڀئي ھٿ مٿي کڻي بس اھو چئون تـه گهڻو ڪجھ ٿيو، ھاڻي اھو نـه ٿيندو!… ھاڻي ھڪ ھڪاڻي ٿيندي تـه ان ڏينھن اسان جي روشن مستقبل ڏانھن سفر جي شروعات ٿيندي.