ليگي ايم پي اي تي حملي وارو مامرو، پستول مان فنگر پرنٽس ضايع

0
171

ڪراچي(م ڊ) مسلم ليگ ن جي ميمبر پنجاب اسيمبلي بلال ياسين تي حملي ۾ استعمال ٿيل پستول جي مالڪ جي سڃاڻپ ڪرڻ مشڪل ٿي ويو, پوليس ذريعن موجب گذريل رات هٿ آيل پستول ديسي آهي، پستول تي نمبر سان مالڪ جي سڃاڻپ ڪرڻ مشڪل آهي، ڇاڪاڻ ته پستول تي لڳل نمبر  کي ٽيمپر ڪيو ويو آهي

ذريعن جو چوڻ آهي ته 9 ايم ايم پستول جي ميگزين مان 9 گوليون هٿ ڪيون ويون آهن ۽ پستول مان آڱرين جا نشان گم آهن پر گولين جي آڱرين جا نشان فرانزڪ ڪيا ويندا

ياد رهي ته گذريل ڏينهن ايم پي اي بلال ياسين تي حملي واري هنڌ پوليس کي هڪ پستول هٿ آيو هو