ڪولمبو (دلچسپ نيوز) لغڙبازي جو شوق نوجوان کي ڳچي ۾ پئجي ويو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب سريلنڪا جي شهر جافنا ۾ لغڙ بازي جو فيسٽيول منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ شوقينن شريڪ ٿي لغڙ اڏايا، هڪ نوجوان وڏي لغڙ جي اڏامڻ تي ان جي رسي ۾ لٽڪي پيو، لغر30 فوٽ اوچائي تي پهتو ته دوستن رڙيون ڪيون جنهن بعد نوجوان رسي مان هٿ ڪڍي ورتا ۽ هيٺ ڪري پيو پر سان کيس گهڻا زخم نه رسيا.