لعلو رائنڪ ويجهو لاڙڪاڻي مان دوا وٺي واپس موٽندڙ ڪار سوار فيملي تي  فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو

0
53
لعلو رائنڪ ويجهو لاڙڪاڻي مان دوا وٺي واپس موٽندڙ ڪار سوار فيملي تي  فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو
لعلو رائنڪ ويجهو لاڙڪاڻي مان دوا وٺي واپس موٽندڙ ڪار سوار فيملي تي  فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو

لعلو رائنڪ ويجهو لاڙڪاڻي مان دوا وٺي واپس موٽندڙ ڪار سوار فيملي تي هٿياربندن جي فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو

مڱڻيجا لاڙي وٽ ڦر جي ارادي سان بيٺل هٿياربندن ڪار کي بيهڻ جو اشارو ڪيو، ڪار نه بيهارڻ تان جوابدارن جي فائرنگ ۾ 50 سالن جو سڪندر ڀنگر مارجي ويو

ٻڌايو پيو وڃي ته مقتول جو پٽ، ننهن ۽ ٻيا ٻار معجزاڻي طور بچي ويا، ڏوهارين سڪندر ڀنگر کي قتل ڪرڻ بعد فيملي کان ڦرلٽ ڪئي

مقتول جي پٽ ممتاز ڀنگر جو چوڻ آهي ته ننڍڙي جي دوا وٺي واپس اچي رهيا هئاسين ته هٿياربندن فائرنگ ڪئي، مان منهنجي گهر واري ۽ ٻارڙا معجزاڻي نموني محفوظ رهيا، قاتل ڦورن کي جلد گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو