مانجھند (ن پ ا) لاکڙا ڪول مائنز ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ کوٽائي دوران ڀڪ ڪرڻ سبب شانگلا واسي 30 ورھين اسماعيل پٺاڻ دٻجي فوت ٿي ويو، جڏهن ته هڪ پورهيت محمد زمين خان پٺاڻ زخمي ٿي پيو، فوتي پورهيت جو لاش ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو ويو، اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.