لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي مارڪيٽ ٿاڻي جي حد جناع باغ ۾ اوباش نوجوان پاران شيون وڪرو ڪندڙ ٻن معصوم نينگرن تي تشدد ڪرڻ واري وڊيو منظرعام تي اچي وئي. وڊيو ۾ نظر ايندڙ نينگر بروهي ڦاٽڪ واسي علي رضا ڀٽو  ۽ سندس ڀاءُ کي روئيندي ۽ دانهون ڪندي ڏسي سگهجي ٿو،  نينگر ٻڌائي رهيا آهن ته اسين ٻئي ڀائر گجرون ۽ ناريل کپائيندا آهيون نينگرن الزام لڳائيندي چيو ته شراب پيتل نوجوان اسان کي بيگناهه تشدد جو نشانو بڻايو آهي نشي ۾ ڌت نوجوان ناريل سان ڀريل ٿال اڇلائي ڇڏي آهي ٻنهي نينگرن کي مبينا تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد وڏي انگ ۾ شهري گڏ ٿي ويا شهرين طرفان نشي ۾ ڌت اوباش نوجوان کي پڪڙڻ جي ڪوشش دوران اوباش نوجوان جي فرار ٿيڻ جي ڪوشش اهڙي اطلاع تي پوليس پهچي نشي ۾ ڌت اوباش نوجوان کي گرفتار ڪري ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو آهي متاثر نينگرن ايس ايس پي لاڙڪاڻو کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي نوٽيس وٺي جوابدار مٿان ڪيس داخل ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي