لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ صحت کاتي جي لاپرواهي سبب عطائي ڊاڪٽرن شهر جي مختلف علائقن ۾ پنهنجو ڪلينڪون کولي ڇڏيون آهن، سيکڙاٽ ڊاڪٽرن کان علاج ڪرائڻ سبب مرضي صحت مند ٿيڻ بدران مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي وڃن ٿا، هليٿ ڪير ڪميشن پاران ڪجهه وقت اڳ شهر جي ميرو خان چوڪ، لاهوري محلا، ڀنس ڪالوني، نظر محلو، مراد واهڻ سميت ٻين علائقن ۾ ڪارروايون ڪري عطائي ڊاڪٽرن جون ڪلينڪون سيل ڪيون هيون پر چند ڏينهن گذرڻ بعد عطائين پنهنجا ڪوس گهر ٻيهر کولي غريب ماڻهن کي ڦرڻ لڳا آهن، جڏهن ته شهر ۾ اڻ رجسٽرڊ ليبارٽريون پڻ وڌي ويون آهن، جنهن تي پڻ ٽيڪنيشن پيٿالاجسٽ ڊاڪٽرن بدران سيکڙاٽ ننڍا ٻار مريضن جون ايڪسري ڪري رهيا آهن، اهڙي سنگين صورت حال باوجود هليٿ ڪير ڪميشن ڪابه ڪارروائي نه ڪئي آهي، ان حوالي سان شهر جي سڄاڻ ڌرين فياض احمد منگي، محمد اسلم، فيروز خان، انور سوهو ۽ ٻين پنهنجي اخبار سان وچار ونڊيندي چيو ته شهر ۾ مختلف علائقن ۾ عطائي ڊاڪٽرن پنهنجا دڪان کولي ڇڏيا آهن، جنهن سبب مريض علاج بدران ويتر بيماري ٿي وڃن ٿا، هنن چيو ته شڪايتن باوجود صحت کاتي ڪابه ڪارروائي نه ڪئي آهي جنهن سبب سخت پريشان آهيون، غريب عوام کي عطائي ڊاڪٽر ڳريون فيسون وٺي ڦري رهيا آهن، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي شهر ۾ غيرقانوني هلندڙ ليبارٽريون ۽ عطائين جون ڪلينڪون سيل ڪري مريضن جون زندگيون بچايون وڃن.