لاڙڪاڻي ڀرسان درگاهه ميان لال جي ميلي ۾ ملهه پهلوانن زور آزمايو

0
619

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ڀرسان  فتح پور لڳ درگاھ ميان لال جو ميلو فقير گل حسن شاهاڻي جي نگراني ۾ لڳايو ويو آهي، جڏهن ته ميلي ۾ مختلف کاڌي پيتي جي شين جا اسٽال لڳايا ويا آهن، ميلي ۾ 50 کان وڌيڪ ملهه پهلوانن زور آزمائي ڪئي، جنهن ۾ پهرين جوڙي جي ملهه پهلوان ڪرم الله کوکر، مشير چاچڙ، ٻئين جوڙي ۾ حفيظ ککراڻي، اعظم پٺاڻ، ٽئين جوڙي بشير احمد چاچڙ ۽ ٻين ملهه پهلوانن پنهنجو حصو ورتو، جنهن ۾ ڪاميابي حاصل ڪندڙ ملهه پهلوانن کي ڪيش انعام ڏنا ويا آهن

ان موقعي تي ميلي جي اڳواڻي ڪندڙ فقير گل حسن شاهاڻي، راجا خان، راحب علي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته درگاهه ميان لال جو ميلو 40 سالن کان لڳايو ويندو آهي جنهن سنڌ جي مختلف علائقن مان ملهه پهلوانن پنهجي زور آزمائي ڪندا آهن. جڏهن ته ميلي ۾ موت جو کوهه،جهولا ۽ ٻين شين جا اسٽال لڳايا ويا آهن جنهن ۾ آس پاس جي علائقن مان ڳوٺاڻا پنهنجي ٻارڙن سان گڏجي سنڌ جي ثقافتي راند ملهه جو خوب لطف اندوز ٿيندا آهن.