لاڙڪاڻو: ڌاڙيلن وٽ يرغمال مغوي جون دانهون، وڊيو وائرل

0
306

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) تعلقي لکي غلام شاهه جو رهواسي عبدالله سولنگي ڌاڙيلن وٽ يرغمال آهي جنهن جي سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل ٿي وئي

مغوي چيو ٿو ته ايس ايس پي شڪارپور ڌاڙيلن جا ڪجهه ماڻهو گرفتار ڪيا آهن جنهن ڪري مون کي اغوا ڪيو ويو آهي

مغوي عبدالله سولنگي چوي ٿو ته خدا جي واسطي ايس ايس پي شڪارپور انهن جا ماڻهو آزاد ڪري نه ته ڌاڙيل مون کي ماري ڇڏيندا، منهنجي جان کي خطرو آهي، خدا واسطي منهنجي مدد ڪئي وڃي